Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڊگهي زندگي ۽ صحت و عافيت جي بشارت عطا فرمائي ته مون کي ان ئي وقت آرام اچي ويو پوءِ منهنجي اک کلي وئي، مون فوراً ڏيئو گهرايو ۽ ڏٺم ته اهي ٻئي وار مبارڪ منهنجي هٿ ۾ نه هئا مان غمگين ٿي ويس ۽ دل ئي دل ۾ ٻيهر بارگاھِ رسالت ڏانهن متوجه ٿيس پوءِ مون وري خواب ۾ ڏٺو ته امت جا والي، سرڪارِ عالي         صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جلوه فرما آهن ۽ فرمائي رهيا آهن: پٽ! مون ٻئي وار تنهنجي وهاڻي جي هيٺان رکي ڇڏيا آهن، اتان کڻجان!

  مون جاڳڻ کان پوءِ وهاڻي هيٺان اهي ٻئي مُوءِ مبارڪ کڻي ورتا ۽ انهن کي پاڪيزه جاءِ تي نهايت تعظيم ۽ تڪريم سان محفوظ ڪري ڇڏيو،([1])

ادا کرتے ہیں وہ سُنّت صحابہ کی جنہوں نے بھی

تبَرُّک جان کر رکھے میرے سرکار کے گیسو

زیارت گیسوؤں کی ہے نبی کی دید کا حِصَّہ

وہ ہے خوش بخت جو دیکھے میرے سرکار کے گیسو

مُوءِ مبارڪ جا 3 ڪمال

  حضرت شاه عبدالرحيم رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مون انهن مبارڪ وارن جا 3 ڪمال ڏٺا:

   (1): پهريون ڪمال: اهو ته اهي ٻئي مُوءِ مبارڪ پاڻ ۾ چنبريل رهندا هئا پر جڏهن انهن جي سامهون حضور صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذات مقدس تي درود پاڪ پڙهيو ويندو هو ته اهي ٻئي وار مبارڪ الڳ الڳ ٿي بيهي رهندا هئا.

پڑھیئے جدوں درود تے زلفاں جھوم دیاں    ویکھے عجب خصال نے تیریاں زلفا ں دے

   (2): ٻيو ڪمال: اهو ته هڪ ڀيري 3 ماڻهو جيڪي ان معجزي جا منڪر هئا، اهي آيا ۽ بحث شروع ڪري ڏنائون ته ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو؟


 

 



[1]...انفاس العارفین(مترجم)،صفحہ:116 بتغیر قلیل۔