Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx
وضاحت: سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ الله عَلَيۡه فرمائن ٿا: بخشش ۽ ڪرم جي ڪاري ڪاري گهٽا يعني گيسوءِ مصطفيٰ جنهن مان ڪستوري کان وڌيڪ خوشبوءِ جا هُٻڪار ايندا هئا، ان مهرباني جي ڪڪر جي ٽڪري (زلفِ مبارڪ) تي به لکين سلام هجن.
غساله شريف سان شفا ملي ويندي هئي
حضرت عثمان بن عبد الله بن مَوْهَب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کان روايت آهي: منهنجي گهر وارن مون کي پاڻي جو پيالو ڏئي اُمُّ المُؤْمِنِین حضرت اُمِّ سلمه رَضِيَ الله عَنْها وٽ موڪليو حضرت اُمِّ سلمه رَضِيَ الله عَنْها حضورِ اڪرم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مُوءِ مبارڪ ڪنهن دٻي ۾ رکيا هئا مون دٻي ۾ جهاتي پاتي ته ڪجهه ڳاڙها وار ڏٺم. ([1])
حضرت علامه مُلا علي قاري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: اُمّ المومنين حضرت اُمِّ سلمه رَضِيَ الله عَنْها وٽ حضور انور صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڪجهه مُوءِ مبارڪ هئا جن کي پاڻ رَضِيَ الله عَنْها هڪ چاندي جي دٻي ۾ رکيو هو ماڻهو جڏهن بيمار ٿيندا هئا ته اهي انهن مُوءِ مبارڪ کان برڪت حاصل ڪندا هئا ۽ انهن جي برڪت سان شفا طلب ڪندا هئا تاجدارِ رسالت صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُوءِ مبارڪ کي پاڻي جي پيالي ۾ رکي اهو پاڻي پي ويندا هئا ته انهن کي شفا ملي ويندي هئي. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديثِ پاڪ مان 2 مسئلا معلوم ٿيا: (1): صحابهءِ ڪرام رَضِيَ الله عَنْهم حضور جانِ ڪائنات صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا وار مبارڪ برڪت لاءِ پنهنجن گهرن ۾ رکندا هئا (2): صحابهءِ ڪرام رَضِيَ الله عَنْهم مُوءِ مقدس جو ڪمال ادب ۽ احترام ڪندا هئا جو ان کي رکڻ لاءِ خاص ۽ قيمتي دٻي ٺهرائيندا هئا ۽ ان ۾ خوشبو رکندا هئا. ([3])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد