Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx
چيو: وڃو ۽ ٻيهر طهارت ڪري اچو پوءِ جڏهن اهو جنبي شخص ميڙ مان ٻاهر ويو ته تالو آساني سان کلي ويو ۽ اسان سڀني زيارت ڪئي. ([1])
کعبۂ جاں کو پنھایاہے غلافِ مشکیں
اُڑ کر آئے ہیں جو اَبرو پہ تمہارے گیسو([2])
وضاحت: مصطفيٰ جا زُلف صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اُڏامي ڪري ڪڏهن چهري پُرنُور تي ايندا هوندا، هن شعر ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان خوبصورت منظر کي بيان فرمايو آهي ته يا رسولَ الله صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جڏهن اوهان جا زُلف مبارڪ اُڏامي چهري پُرنُور کي ڍڪي ڇڏيندا آهن ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪعبي شريف کي خوشبون لڳل غلاف پارايو ويو هجي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! رسولِ خُدا، احمدِ مجتبىٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مشڪل ڪُشا، حاجت روا آهن. الله پاڪ جي ڪرم سان پاڻ ڪريم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُوءِ مبارڪ کي به هي شان عطا ڪيو ويو آهي ته مُوءِ مبارڪ جي برڪت سان هر مرض کان شفا ملندي آهي روايتن ۾ آهي: مقامِ حديبيه ۾ رحمت عالم نورِ مُجَسَّم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وار ڪترائي سمورا وار مبارڪ هڪ سائي وڻ تي وجهي ڇڏيا. صحابهءِ ڪرام رَضِيَ الله عَنْهم ان ئي وڻ هيٺان گڏ ٿي ويا ۽ وارن کي هڪ ٻئي کان وٺڻ لڳا حضرت اُمِّ عُمَارَه رَضِيَ الله عَنْها فرمائن ٿيون ته مون به ڪجهه وار حاصل ڪري ورتا رحمت عالم نورِ مجسم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وصال ظاهري کان پوءِ جڏهن ڪو بيمار ٿيندو هو ته مان انهن مبارڪ وارن کي پاڻي ۾ ٻوڙي اهو پاڻي مريض کي پياريندي هئس ته الله ربُّ العزّت ان کي صحت عطا ڪري ڇڏيندو هو. ([3])
وہ کرم کی گھٹا گیسوئے مشک سا لکۂ اَبرِ رأفَت پہ لاکھوں سلام ([4])