Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

 

فيضانِ حديث موبائل ايپلي ڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ طرفان تمام فائديمند موبائل ايپلي ڪيشن بنام ”فيضانِ حديث“ Play Store ۽ App Store  تي پيش ڪئي وئي آهي. هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان کي حديث پاڪ جون مشهور ڪتابون جيئن: *مِشْکٰوۃُالْمَصَابِیْح  ۽ ان جي اردو شرح مِرْاٰۃُالْمَنَاجِیْح *الأربَعِیْنِ النّوویَّۃ اردو ترجمو ۽ شرح سان گڏ *رِیاضُ الصَّالِحِین اردو ترجمو ۽ شرح سان گڏ *أَربَعِیْنِ حَنَفِیَّہ (اردو) *۽ مُنْتَخَب اَحَادِیث (اردو) *هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان توهان حديثِ ڪريمه کي ڪتابي صورت ۾ (يعني جلدن جي اعتبار سان) به پڙهي سگهو ٿا ۽ مختلف موضوعن جي اعتبار سان پنهنجي مطلوبه موضوع جو مطالعو به ڪري سگهو ٿا. *سرچ آپشن جي مدد سان حديثِ مبارڪه سرچ به ڪري سگهو ٿا. *حديثِ پاڪ جو عربي متن اعراب سان ۽ اعراب جي بغير ٻنهي طرح ڏسڻ جي سهولت رکي وئي آهي. * مطالعي جي نوٽس محفوظ ڪرڻ لاءِ پسنديده احاديث کي Favorite ڪرڻ جو آپشن به ڏنو ويو آهي. *مختلف فونٽس ۽ احاديث شيئرنگ جي سهولت به ڏني وئي آهي. اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ هي ايپلي ڪيشن ڊائون لوڊ ڪريو! خود به حديثِ پاڪ جو فيضان وٺو! ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو

بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي هڪ شرعي مسئلو عرض ڪريان ٿو:

درست ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ پکڙيل غلط فهمي جي نشاندهي)
مسئلو: ربيع الاول جي مبارڪباد ڏيڻ سان جنت واجب ٿيڻ جي ڪا به روايت ناهي

وضاحت: ڪجهه ماڻهن ۾ هي ڳالهه مشهور آهي، بلڪه گهڻا ماڻهو ته سوشل ميڊيا تي اهڙيون پوسٽون به موڪليندا رهن ٿا، جن ۾ اهڙيون ڳالهيون لکيل هونديون آهن ته جيڪو شخص ربيع الاول جي سڀ کان پهرين مبارڪباد