Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx
يعني اي ڪُفارِ مڪه! مان توهان جي وچ ۾، توهان جي اکين جي سامهون 40 سالن جي زندگي گذاري چڪو آهيان توهان منهنجي صداقت کي به سڃاڻو ٿا، منهنجي امانتداري کي به خوب سڃاڻو ٿا منهنجي جواني جي عمر به توهان جي اکين سامهون گذري آهي توهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا ته مون ڪڏهن به الله پاڪ جي نافرماني نه ڪئي آهي،)[1]( ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو آهي ته ڇا هاڻي مان الله پاڪ تي ڪوڙ ڳالهائيندس؟ ڇا هيءَ ڪوڙي دعويٰ ڪندس ته الله پاڪ مون کي نبي بڻايو ۽ مون تي ڪتاب نازل ڪيو آهي...؟ ڇا توهان عقل نٿا رکو...؟
تری صُورت تری سیرت زمانے سے نرالی ہے تری ہر ہر ادا پیارے دلیلِ بےمثالی ہے([2])
غير مسلم ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو
پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هي منهنجي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان آهي الله پاڪ پاڻ ڪريم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي هر عيب کان پاڪ رکيو آهي ڳالهه ته بلڪل واضح آهي پر گهٽ عقلي جو ڇا ڪجي، اهڙا اهڙا نادان به دنيا ۾ موجود آهن، جيڪي ڪمالات کي عيب جو رنگ ڏئي مَعَاذَ اللہ ! اعتراض ڪندا هئا هڪ ڀيري ڪجهه غير مسلم ڪٿي ويهي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا هئا گفتگو دوران پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ذڪر شروع ٿي ويو ظاهر آهي غير مسلم هئا، سٺيون ڳالهيون ته نه ڪندا ,ڳالهين ڳالهين ۾ هي تذڪرو شروع ٿي ويو ته پاڻ ڪريم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 11 شاديون ڪيون آهن هاڻي سڀ غير مسلم هڪ هڪ ڪري ان تي پنهنجا خيال ظاهر ڪرڻ لڳا هڪ غير مسلم جيڪو انهن جي وچ ۾ ويٺو هو، جڏهن هن اهو تذڪرو ٻڌو ته ان ئي وقت ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو ٻين هن کان پڇيو: توکي ان ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه نظر آئي جو تون پنهنجو دين بدلائي رهيو آهين؟ هاڻي اهو نئون مسلمان چوڻ لڳو: ڏسو! اها شخصيت جنهن کي