Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

ٿي چڪا هئاسين ته اوچتو تڪبير جو آواز آيو. حضرت خالد بن وليد رَضِیَ  الله  عَنْہُ ڏٺو ته هي آواز ڪٿان آيو آهي جڏهن رومين جي لشڪر تي نظر پئي ته ڇا ڏٺائون ته ڪجهه سوار انهن جو پيڇو ڪري رهيا آهن ۽ اهي بدحواس ٿي ڀڄي رهيا آهن، حضرت خالد بن وليد رَضِیَ  الله  عَنْہُ گهوڙو ڊوڙائي هڪ سوار جي ويجهو پهتا ۽ پڇيائون ته اي جوان مرد سوار! تون ڪير آهين؟ هن جواب ڏنو: مان توهان جي زوجه اُمِّ تميم رَضِيَ  الله  عَنْها آهيان، توهان جي مبارڪ ٽوپي کڻي آئي آهيان جنهن جي برڪت سان توهان دشمنن تي فتح حاصل ڪندا آهيو، حضرت خالد بن وليد رَضِیَ  الله  عَنْہُ ٽوپي مبارڪ پائي ورتي حديث جو راوي قسم کڻي چوي ٿو ته حضرت خالد بن وليد رَضِیَ  الله  عَنْہُ ٽوپي پائي جڏهن ڪافرن تي حملو ڪيو ته ڪافرن جا پير اکڙي ويا ۽ مسلمانن کي فتح نصيب ٿي وئي. ([1])

لیئے آئی اُمِّ تمیم جو ٹوپی فتح تھی اس میں

بدل دَیں جنگ کے نقشے میرے سرکار کے گیسو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

مُوءِ مبارڪ وَلِي بڻائيندڙ آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! هي مُوءِ مبارڪ جون 2  اهم برڪتون ٿيون (1): موءِ مبارڪ شفا بخش آهن (2): مُوءِ مبارڪ  الله  پاڪ جي عطا سان مشڪل ڪشا، حاجت روا ۽ فتح بخش آهن مُوءِ مبارڪ جي ٽئين ۽ اهم برڪت هيءَ آهي ته اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! منهنجي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا پيارا پيارا مُوءِ مبارڪ  الله  پاڪ جي فضل سان وَلِي بڻائيندڙ به آهن جي ها!  مُوءِ مبارڪ جو ادب ۽ احترام ڪرڻ جي برڪت سان  الله  پاڪ وِلايت به عطا فرمائي ڇڏي ٿو سيدي داتا گنج بخش هجويري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: حضرت ابوالعباس مهدي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مَرُو نالي علائقي جي هڪ خوشحال گهراڻي جا چشم و چراغ هئا، والد صاحب جي انتقال کان پوءِ پاڻ کي وراثت ۾ گهڻي دولت ملي هڪ ڀيري کين خبر پئي ته فلاڻي شخص وٽ رحمت عالم حبيب مڪرم


 

 



[1]...فتوح الشام،جبلۃ یحارب خالدا،جلد:1،صفحہ:142-145 خلاصۃً۔