Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx
حضور صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ اچي ڪنهن کي وار ڪيئن عطا فرمائي سگهن ٿا؟ خواب ته خواب هوندو آهي، ان جو حقيقت سان ڪو تعلق ناهي. ان بنياد تي انهن ٽنهي مُوءِ مبارڪ کي آزمائڻ چاهيو مان بي ادبي جي خوف کان ان تي راضي نه ٿيس پر ڇا ڪجي؟ بحث وڌي ويو آخر منهنجي عزيزن اهي وار مبارڪ کڻي اُس ۾ رکيا فوراً ڪڪر اچي ڇانوَ ڪري ڇڏي، جڏهن ته اُس سخت هئي، ڪڪرن جي موسم به نه هئي. اهو ڏسي انهن مان هڪ توبه ڪئي ۽ مڃي ورتائين ته واقعي حبيبِ خُدا صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ئي مُوءِ مبارڪ آهن ٻين 2 منڪرن چيو: هي اتفاقي معاملو آهي پوءِ ٻيو ڀيرو وري مُوءِ مبارڪ کي اُس ۾ رکيو ويو، هن ڀيري به ڪڪر فوراً حاضر ٿي اُس کان اوٽ ڪري ڇڏي هاڻي ٻيو منڪر به مڃي ويو ۽ توبه ڪيائين ٽيون اڃا به بحث ڪري رهيو هو پوءِ ان جي تسلي لاءِ مُوءِ مبارڪ کي ٽيون ڀيرو سج ۾ رکيو ويو هن ڀيري به اهو ئي معاملو ٿيو، فوراً ڪڪر آيا ۽ خدمت انجام ڏنائون هاڻي ٽئين به مڃي ورتو ۽ توبه ڪيائين.
ہم سیہ کاروں پہ یارَبّ! تپشِ محشر میں
سایہ افگن ہوں ترے پیارے کے پیارے گیسو([1])
وضاحت: اي الله پاڪ! قيامت جي ڏينهن جڏهن سج هڪ ميل جي مفاصلي تي رهي باهه وسائي، ٽامي جي زمين تَپي رهي هجي، ان وقت تنهنجي پياري محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پيارن گيسُن جو اسان کي سايو نصيب فرماءِ.
(3): ٽيون ڪمال: اهو ته هڪ ڀيري ڪجهه ماڻهو مُوءِ مبارڪ جي زيارت لاءِ آيا صندوق جنهن ۾ اهي مُوءِ مبارڪ هئا، مان ان کي ٻاهر کڻي آيس ڪافي ماڻهو گڏ هئا مون تالو کولڻ لاءِ چاٻي لڳائي ته تالو نه کليو گهڻي ڪوشش ڪيم پر تالو نه کلي سگهيو پوءِ مون پنهنجي دل ڏانهن توجهه ڪيو ته معلوم ٿيو ته انهن زائرين ۾ فلاڻو شخص جُنْبي آهي يعني ان تي غسل فرض آهي. ان سبب کان تالو پيو کُلي، مون پرده پوشي ڪندي سڀني کي