Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx

عميره طائي رَضِیَ  الله  عَنْہُ حضرت خالد بن وليد رَضِیَ  الله  عَنْہُ کي چيو: اُڄ لڳي ٿو ته اسان جي قضا اچي وئي آهي حضرت خالد بن وليد رَضِیَ  الله  عَنْہُ فرمايو: سچ ٿا چئو، ان جو سبب هي آهي ته مان اڄ ٽوپي گهر وساري آيو آهيان جنهن ۾ حضور پر نور صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مُوءِ مبارڪ آهن هتي هي حالت هئي ۽ اتي ان ئي رات حضور سيدالمرسلين صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرت ابو عبيده رَضِیَ  الله  عَنْہُ جي خواب ۾ تشريف فرما ٿيا حضرت ابوعبيده رَضِیَ  الله  عَنْہُ اسلامي لشڪر جا امير هئا سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم غيب جي خبر ڏيندي فرمايو: اي ابوعبيده! تون هن وقت سمهي رهيو آهين، اٿ ۽ خالد بن وليد جي مدد لاءِ پهچ! ڪافرن کين گهيري ڇڏيو آهي.

حضرت ابو عبيده رَضِیَ  الله  عَنْہُ ان ئي وقت اٿيا ۽ لشڪر تيار ڪري فوراً تيزي سان روانا ٿيا رستي ۾ حضرت ابوعبيده رَضِیَ  الله  عَنْہُ هڪ سوار کي ڏٺو جيڪو گهوڙو ڊوڙائيندو کانئس اڳتي وڃي رهيو هو اهو ڏسي پاڻ ڪجهه تيز رفتار سوارن کي حڪم ڏنو ته ان سوار جو حال معلوم ڪيو! سوار جڏهن ويجهو پهتا ته سڏ ڪري چيائون: اي جوان مرد سوار! ٿورو بيهو اهو ٻڌندي ئي هو بيهي رهيو معلوم ڪيو ويو ته اها حضرت خالد بن وليد رَضِیَ  الله  عَنْہُ جي زوجه هئي، حضرت ابو عبيده رَضِیَ  الله  عَنْہُ ان کان سفر جو سبب پڇيو ته چيائين: اي امير! جڏهن رات جو مون ٻڌو ته توهان لشڪر اسلام ۾ اعلان ڪرايو ته حضرت خالد بن وليد رَضِیَ  الله  عَنْہُ کي دشمنن گهيري ڇڏيو آهي، فوراً تيار ٿي وڃو! ته مون خيال ڪيو ته هو ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندا ڇو ته انهن سان گڏ حضور صَلَّى  الله  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا مُوءِ مبارڪ آهن پر جيئن ئي مون ڏٺو ته منهنجي نظر سندن ٽوپي تي پئي جنهن ۾ مُوءِ مبارڪ هئا نهايت افسوس ٿيو ۽ ان ئي وقت هلي پيس ته ڪنهن طرح انهن تائين ٽوپي پهچايان.“  حضرت ابو عبيده رَضِیَ  الله  عَنْہُ فرمايو: خدا توکي برڪت ڏئي اها به انهن سان گڏ لشڪر ۾ شريڪ ٿي وئي.

حضرت رافع بن عميره رَضِیَ  الله  عَنْہُ جيڪي حضرت خالد بن وليد رَضِیَ  الله  عَنْہُ سان گڏ هئا، فرمائن ٿا: حالت هي هئي ته اسان پنهنجي زندگين کان بلڪل مايوس