Book Name:Zulf e Mustafa Ki Qasam.docx
“ مان به ۽ (2): لفظ ”وَالَّيْل“ مان به سيرتِ مصطفيٰ مراد آهي. سيرتِ طيبه جا به 2 پهلو آهن: * هڪ آهي پاڻ ڪريم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اها سيرت، سندن اهي افعال، اهو ڪردار، اهي مبارڪ عادتون جيڪي ماڻهن جي سامهون آهن، ۽ * هڪ آهي اها پاڪيزه سيرت، اهو بي مثال ڪردار، اهي شانَ، اهي ڪمال جيڪي ماڻهن کان لڪيل آهن، انهن کي صرف الله پاڪ ئي ڄاڻي ٿو. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! سيرتِ مصطفيٰ جا اهي ٻئي پهلو بي عيب آهن ته گويا الله پاڪ فرمائي رهيو آهي: اي محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان جي اها سيرت، اهو ڪردار، اهي مبارڪ عادتون جيڪي ماڻهن جي سامهون آهن، اهي به بي عيب آهن، اهڙي طرح توهان جي اها پاڪيزه سيرت، اهي مبارڪ شان جيڪي منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ راز آهن، اهي به بي عيب آهن اي پيارا محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! توهان جي انهن ٻنهي قسمن جي بي عيب سيرت جو قسم! توهان جي ربّ توهان کي نه ڇڏيو آهي، نه ئي توهان کان ناراض ٿيو آهي.
سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي منهنجي پياري محبوب صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو...! پاڻ ڪريم صَلَّى الله عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرت اهڙي پاڪيزه آهي جو سندن ربّ ڪريم! ان مبارڪ سيرت جو قسم ارشاد فرمائي رهيو آهي شاعرِ دربارِ رسالت، صحابيءِ رسول حضرت حسّان بن ثابت رَضِیَ الله عَنْہُ ڇا خوب چيو هو:
وَ اَحْسَنُ مِنْکَ لَمْ تَرَ قَطُّ عَیْنِی وَ اَجْمَلُ مِنْکَ لَمْ تَلِدِ النَّسَآءُ
خُلِقْتَ مُبَرَّءً مِّنْ کُلِّ عَیْبٍ کَاَنَّکَ قَدْ خُلِقْتَ کَمَا تَشَآءُ ([1])
ترجمو: ۽ توهان جهڙو حسين منهنجي اک ڪڏهن به نه ڏٺو، بلڪه توهان اهو حُسنِ مجسم آهيو جو توهان جهڙو ڪنهن ماءُ اڄ تائين ڄڻيو ئي ناهي توهان کي بي عيب پيدا ڪيو ويو، ڄڻ ته توهان جي ربّ توهان کي ائين ٺاهيو، جيئن توهان چاهيو هو.