Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool

حاصل ڪري رهيا آهيو، جيڪڏهن چاهيو ٿا ته تعليم ۾ ڪاميابي ملي، توهان جي تعليم توهان لاءِ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابيءَ جو ذريعو بڻجي * ان ۾ گناهن کان بچو * امتحانن ۾ نقل کان بچو * اسلام مخالف (Anti-Islam) ڳالهيون پڙهڻ، ٻڌڻ، ٻين تائين پهچائڻ کان بچو اهڙي طرح شادي مرادي (Marriage)  جو معاملو آهي، ان ۾ گناهن کان بچو * دهل شرنائين کان بچو *ناچ گاني جون محفلون نه سجايو، مطلب ته اسان ڪو به ڪم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان کي ان ڪم ۾ مستقل ڪاميابي ملي، اهڙي ڪاميابي جو دنيا سان گڏ آخرت ۾ به ڪم اچي، ان لاءِ سڀ کان پهريون اصول اهو آهي ته ان ڪم ۾ جيترا به گناهن وارا پهلو بڻجن ٿا، انهن کان اسان بچي وڃون. جيڪڏهن اسان ائين ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! ڪاميابي اسان جا قدم چمندي. الله پاڪ وڌيڪ فرمايو:

وَ ابْتَغُوْۤا اِلَیْهِ الْوَسِیْلَةَ

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ان جي طرف وسيلو ڳوليو

اهو ڪاميابيءَ جو ٻيو اصول آهي: الله پاڪ جي حضور وسيلو تلاش ڪرڻ. هيءَ دنيا دَارُالاسباب آهي. الله پاڪ هن دنيا کي بنايو ئي اهڙو آهي ته هتي اسان ڪو به ڪم وسيلي کان سواءِ ڪري ئي نٿا سگهون * اسان دنيا ۾ آياسين ماءُ پيءُ جي وسيلي سان * علم سکون ٿا استاد (Teacher) جي وسيلي سان * مال و دولت ۽ رزق وغيره ملي ٿو ڪاروبار جي وسيلي سان * شفا ملي ٿي حڪيمن طبيبن جي وسيلي سان * ايستائين جو الله پاڪ اسان کي ايمان، قرآن ۽ پنهنجي رحمت به عطا فرمائي ته بنا وسيلي نه پر اهي سڀ نعمتون حضور سرورِ ڪائنات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي وسيلي سان عطا فرمايون آهن. مطلب ته هن دنيا ۾ ڪو به ڪم وسيلي کان سواءِ ٿئي ئي نٿو ڇوته الله پاڪ هن دنيا کي دارُالۡاَسباب بڻايو آهي. تنهنڪري جڏهن به ڪو ڪم ڪرڻو هجي * ڪاروبار ڪرڻو هجي * تعليم حاصل ڪرڻي