Book Name:Kamyabi Ke 3 Usool

هجي * شادي بياھ جو معاملو هجي * پنهنجو گهر بنائڻو هجي يا خريدڻو هجي، ڪو به ڪم ڪرڻو هجي، جيڪڏهن ان ۾ ڪاميابي ۽ مستقل ڪاميابي چاهيو ٿا ته اهو ڪم ڪرڻ کان پهريان الله پاڪ جي قرب جو وسيلو تلاش ڪريو، اِنْ شَآءَ اللهُ الْکَرِیْم! ڪاميابي نصيب ٿيندي. پوءِ الله پاڪ فرمايو:

وَ جَاهِدُوْا فِیْ سَبِیْلِهٖ

ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ ان جي واٽ ۾ جهاد ڪيو

هي ڪاميابيءَ جو ٽيون اصول آهي: الله پاڪ جي راهه ۾ خوب ڪوشش ڪرڻ. اهو ڪاميابيءَ جو اهو اهم اصول آهي جو ان کان سواءِ ڪاميابي شروع ئي نٿي ٿئي.

اسان وٽ ڪيئي ماڻهن جي اهڙي نفسيات هوندي آهي جو اهي چاهيندا آهن: بس ڇت کلي، ڪٿي آسمان مان ڪاميابي ڪري ۽ سڌي منهنجي پيرن ۾ پهچي وڃي، ڪنهن صاحبِ نظر جي مون تي نظر پوي ۽ مان هڪ منٽَ ۾ دنيا جو ڪامياب ترين انسان بڻجي وڃان...!! اهو صرف هڪ خواب آهي، ڪڏهن ڪڏهن الله پاڪ جي ڪنهن نيڪ ٻانهي جي نظر پئجي به ويندي آهي، اها هڪ ئي نظر دنيا ۽ آخرت سنواري به ڇڏيندي آهي پر اهو ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي، عام حالتون اهي آهن ته ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي محنت ئي ڪرڻي پوندي آهي، تنهنڪري جيڪڏهن ڪاميابي چاهيو ٿا ته خوب محنت ڪريو ۽ اها محنت ڪرڻي ڪهڙي انداز سان آهي؟ فرمايو:

فِیْ سَبِیْلِهٖ

ترجمو ڪنزُ العرفان: الله جي واٽ ۾

محنت ڪرڻ جا به مختلف زاويا (Perspectives) هوندا آهن، ڪجهه ماڻهو گناهن ڀريل ڪمن ۾ محنت ڪندا آهن، ڪجهه ماڻهو اجائي ڪمن ۾ محنت ڪندا آهن، ڪجهه ماڻهو محنت ڪندا آهن پر انهن جو مقصد (Purpose) صرف مال، دولت، دنياوي عزت ۽ شهرت ۽ نالو ڪمائڻ هوندو آهي. ان سان به ڪڏهن ڪڏهن ڪاميابي ته ملي ويندي آهي پر اها عارضي (Temporary)