Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

غير رهائشي مدارس المدينه ۾ 8 ڪلاڪن جو دورانيو هوندو آهي جڏهن ته هڪ ٻيا ٻن 2 ڪلاڪن جا جُز وقتي (Part Time) مدارسُ المدينه به پنهنجون مدني بهارون لُٽائي رهيا آهن۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن وقت ملڪ و بيرونِ ملڪ ڪم و پيش 2734 مدارس المدينه قائم آهن، جنهن ۾ تقريبن 128737 (هڪ لک اٺاويھ هزار ست سو ستٽيھ) مدني مُنّا ۽ مدني مُنّيون زيرِ تعليم آهن جڏهن ته استادن سميت ڪل مدني عملي (اسٽاف) جو تعداد اٽڪل7268  (ست هزار ٻه سو اٺهٺ) آهي۔ 2017ء ۾ تقريباً 5229 (پنج هزار ٻه سو اوڻٽيھ) مدني منّن ۽ مدني منّين حفظِ قرآن ۽ تقريباً 20580 (ويھ هزار پنج سو اسّي) ناظره قرآنِ ڪريم پڙھڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هينئر تائين ڪم و پيش 74329 (چوهتّر هزار ٽي سو اوڻٽيھ) مدني مُنّا ۽ مدني مُنّيون حفظِ قرآن جڏهن ته تقريباً 215882 (ٻه لک پندرهن هزار اٺ سو ٻياسي) ناظره قرآنِ پاڪ پڙھڻ جي سعادت ماڻي چڪا آهن۔ مدرسة المدينه آن لائن ۾ سڄي دُنيا مان تقريباً 7 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙھي رهيون آهن۔ ان کي پڙھائڻ وارن جو تعداد تقريباً 633 جڏهن ته مدني عملي (ناظمن، مُفتّشن وغيره) جو تعداد تقريباً 140 آهي۔ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ تقريباً 13853 مدرسة المدينه بالغان ۽ انهن ۾ پڙھڻ وارا تقريباً 89043 جڏهن ته مدرسة المدينه بالغات ۾ پڙھڻ وارين جو تعداد تقريباً63 هزار کان وڌيڪ آهي۔٭ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ جامعة المدينه جون 526 شاخون قائم آهن، جن ۾ 42770 (ٻائيتاليھ هزار ست سو ستر) کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون درسِ نظامي(عالم ڪورس) جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جڏهن ته 6871 (ڇھ هزار اٺ سو اِيڪھتر) شاگرد ۽ شاگردياڻيون درسِ نظامي مڪمل ڪري چڪا آهن۔

دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي لاءِ زڪوٰة، صدقات،مدني عطيات ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي رِشتيدارن، پاڙيسرين، دوستن تي اِنفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به راھ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جا فضائل ٻڌائي مدني عطيات گڏ ڪيو۔