Book Name:Aqa Kareem ﷺ Ka Safre Mairaaj

اچو! اسان به راھِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو جذبو حاصل ڪرڻ جي لاءِ صدقي جي فضيلتن بابت اٺ (8) احاديث مبارڪه ٻڌون ٿا۔

1        صَدقو بُرائي جا 70 دروازا بند ڪري ٿو۔ (المعجم الکبير ، ۴/۲۷۴، حديث:۴۴۰۲)

2        هر شخص (بروزِ قِيامَت) پنهنجي صَدقي جي ڇانو ۾ هوندو ايستائين جو ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو فرمايو وڃي۔ (المعجم الکبير ، ۱۷/ ۲۸۰، حديث: ۷۷۱) 

3        بيشڪ صَدقي ڪرڻ وارن کي صَدقو قبر جي گرمي سان بچائي ٿو ۽ بلاشبه مسلمان قيامت جي ڏينهن پنهنجي صَدقي جي ڇانو ۾ هوندو۔ (شُعَبُ الايمان، باب الزکاۃ، التحریض علی صدقة التطوع،۳/۲۱۲، حديث:۳۳۴۷) 

4        بيشڪ صَدقو ربّ جي غضب کي ٿڌو ڪري ٿو ۽ بُري موت کي دفع ڪري ٿو۔ (ترمذی، کتاب الزکاۃ، باب ما جاء فی فضل الصدقة، ۲/ ۱۴۶، حديث:۶۶۴)

5        صبح سويري صَدقو ڏيو جو بلا صَدقي کان اڳتي قدم نٿي کڻي۔ (شُعَبُ الايمان، باب فی الزکاۃ،التحريض علی صدقة التطوع،۳/۲۱۴، حديث:۳۳۵۳)

6        بيشڪ مسلمان جو صَدقو عمر وڌائي ٿو ۽ بُري موت کي روڪي ٿو ۽ اللہ  عَزَّوَجَلَّ ان جي برڪت سان صَدقو ڏيڻ وارن کان وڏائي ۽ فخر ڪرڻ جي بُري عادت پري ڪندو آهي۔ (المعجم الکبير ،۱۷/۲۲، حديث:۳۱)

7        جيڪو اللہ  عَزَّوَجَلَّ جي رِضا جي لاءِ صَدقو ڪري ته اهو (صَدقو) ان جي ۽ باھ جي وچ ۾ پردو بڻجي ويندو آهي۔ (مجمع الزوائد،کتاب الزکاۃ، باب فضل الصدقة،۳/ ۲۸۶، حدیث: ۴۶۱۷)

8        نماز (ايمان جو) دليل آهي ۽ روزو (گناهن کان) ڍال آهي ۽ صَدقو خطائن کي ائين مٽائي ٿو جيئن پاڻي باھ کي۔ (ترمذی، ابواب السفر، باب ما ذُکِر فی فضل الصلاۃ، ۲/ ۱۱۸، حديث:۶۱۴) 

اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت مولانا شاھ احمد رضا خان رَحْمَة اللّٰهِ تَعَالٰى عَلَيه فتاويٰ رضويه جلد 23، صفحي 152 صدقي جي فضيلتن بابت احاديث ذڪر فرمائي انهن فضائل جو 25 مدني گلن ۾ اهڙي طرح احاطو فرمائن ٿا: انهن حديثن مان ثابت ٿيو ته جيڪي مسلمان ان نيڪ عمل ۾ نيڪ نيت(۽) پاڪ مال سان