Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نورانيت بابت آيت سڳوري

قَدْ جَآءَكُمْ مِّنَ اللّٰهِ نُوْرٌ وَّ كِتٰبٌ مُّبِیْنٌۙ(۱۵) (پ ۶، المآئده: ۱۵)

ترجمو ڪنزالايمان؛ بيشڪ توهان وٽ الله جي طرفان هڪ نور آيو ۽ روشن ڪتاب

تفسير ”خزائن العرفان“ ۾ آهي: (هن آيت ۾) سيد عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي نور چيو ويو ڇوته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (جي وسيلي) سان ڪفر جي اونداهي دُور ٿي ۽ حق جي واٽ واضح ٿي۔ (تفسير خزائن العرفان،پاره ۶،المائدۃ: ۱۵،ص۲۱۳) هن آيت سڳوري تحت امام ابوجعفر محمد بن جرير طبري، امام ابو محمد حسين بغوي، امام فخرا لدين رازي، امام ناصر الدين عبدالله بن عمر بيضاوي، علامه ابوالبرڪات عبدالله نسفي، علامه ابوالحسن علي بن محمد خازن، امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحْمَةُ اللّٰه عَلَيهمْ اَجْمَعِين سميت کوڙ مفسرن فرمايو ته آيتِ طيبه ۾ موجود لفظ ”نور“ مان مراد نبي پاڪ، فخرِ موجودات
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ذاتِ بابرڪات آهي۔ (ماهنامه فيضانِ مدينه، دسمبر۲۰۱۷،ص۸)