Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay
هن آيت (یٰۤاَیُّهَا النَّبِیُّ اِنَّاۤ اَرْسَلْنٰكَ) جي تحت جيڪو ڪجھ ارشاد فرمايو آهي، ان جو خلاصو ڪجھ هن طرح آهي: ٭ نبي اڪرم، شفيعِ معظم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
جي نورِ نبوت هزارين سجن (Suns) کان وڌيڪ روشني پهچائي آهي۔ ٭ ڪفر ۽ شرڪ جي انڌيرن کي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي نورِ حقيقت سان پري ڪيو۔ ٭ معرفت ۽ توحيدِ الٰهي تائين پهچڻ جون راهون پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي نورِ حقيقت سان روشن ڪيون۔ ٭ گمراهي جي اونداهه وادي ۾ ڀٽڪڻ وارن کي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي نورِ هدايت سان راھ ڏيکاري۔ ٭ ماڻهن جي اکين کي، دلين کي ۽ روحن کي پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي نورِ نبوت سان منور ڪيو۔ ٭ حقيقت اها آهي ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو وجود مبارڪ اهڙو آفتابِ عالم تاب آهي جنهن هزارين آفتاب بڻائي ڇڏيا۔(يعني پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مبارڪ، وجود جهان کي روشن ڪندڙ اهڙو سج آهي جنهن هزارين سج روشن ڪيا۔)
(تفسير خزائن العرفان،پاره ۲۲،الاحزاب:۴۵-۴۶،ص۷۸۴ بتغير)
امامِ اهلسنت،سرڪارِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تمام پيارو محبت ڀريو خيال پيش ڪن ٿا:
بارہویں کے چاند کا مُجرا ہے سجدہ نور کا بارہ بُرجوں سے جھکا ایک اِک ستارہ نور کا
تیرے ہی ماتھے رہا اے جان سہرا نور کا بخت جاگا نور کا چمکا ستارا نور کا
تو ہے سایہ نور کا ہر عضو ٹکڑا نور کا سایہ کا سایہ نہ ہوتا ہے نہ سایہ نور کا
پڑتی ہے نوری بھرن امڈا ہے دریا نور کا سر جھکا اے کشتِ کفر آتا ہے اہلا نور کا
ناریوں کا دور تھا دل جل رہا تھا نور کا تم کو دیکھا ہو گیا ٹھنڈا کلیجا نور کا
سرڪار جي آمد…مرحبا، سردار
جي آمد …مرحبا، آمنه جي پياري جي آمد …مرحبا، رسولِ
مقبول جي آمد …مرحبا، پياري جي آمد …مرحبا، سٺي جي آمد … مرحبا،