Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay
جنّت! خوب سينگارجي وڃ۔ اي محلن جون حُورون! توهان به بلندي تان ڏسو۔ اي رضوان (جنت جا داروغه)! جنت جي دروازن کي کولي ڇڏ ۽ حُور و غِلمان کي زينت سان سينگاري ڪائنات کي خوشبوئن سان معطّر ڪري ڇڏ۔ اي مالڪ (جهنم جا داروغا)! جهنم جا دروازا بند ڪري ڇڏ۔ ڇوته اڄوڪي رات منهنجي قدرت جي خزانن ۾ لڪيل نور ۽ راز عبدالله کان جدا ٿي آمنه جي بطن ۾ منتقل ٿيڻ وارو آهي ۽ جنهن گھڙي اهو نور منتقل ٿيندو، انهيء لمحي ۾پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي مڪمل صورت ڏيندس ۽ اهو ماڻهن جي سامهون ڪامل انسان ظاهر ٿيندو۔ منقول آهي ته نورِ محمدي جي منتقل ٿيڻ واري رات هر گھر ۽ مڪان ۾ نور داخل ٿي ويو ۽ هر چوپايو گفتگو ۾ مشغول ٿي ويو۔ حضرت سيدَتُنا آمنه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا ارشاد فرمائن ٿيون: ”جيستائين پاڻ سڳوراصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم منهنجي شڪم ۾ تشريف فرما رهيا، مون ڪڏهن به درد يا تڪليف، وزن يا پيٽ ۾ وٽ محسوس نه ڪيا۔ پورن نون (9) مهينن کان بعد پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت ِباسعادت ٿي وئي۔“ (حڪايتيں ۽ نصيحتيں، ص۴۶۸ تا۴۷۳ ملتقطاً)
حضرت بي بي آمنه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا خود فرمائن ٿيون: جڏهن سرڪارِ نامدار، حبيبِ پروردگار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هن ڪائنات ۾ تشريف فرما ٿيا ته هڪ نُور نڪتو ٿيو، جنهن سان هر شيء روشن ٿي وئي، ايستائين جو نُور جي علاوه ٻيو ڪجھ نظر نه ايندو هو۔ (الخصائص الڪبري، باب ما ظهر في ليلۃ مولده من المعجزات و الخصائص،۱ /۷۸ )
حضرت سيدتنا آمنه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا وڌيڪ فرمائن ٿيون: حضورِ انور، مالڪ ڪوثر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي وقت مون هڪ نُور ڏٺو، جنهن سان شام جا محل روشن ٿي ويا ۽ مون اهي محلاّت ڏٺا۔ (الخصائص الڪبري، باب ما ظهر في ليلۃ مولده من المعجزات و الخصائص،۱/۷۹ )
آمنہ تجھ کو مُبارَک شاہ کا مِیلاد ہو تیرا آنگن نُور، تیرا گھر کا گھر سَب نُور ہے
آمدِ سرکار سے ظُلْمَت ہوئی کافُور ہے کیا زمیں کیا آسمان ہر سَمْت چھایا نُور ہے