Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

جن جي نور سان تارن ۽ ڪهڪشائن ۾ روشني آهي، جن جي نور سان اونداهيون ختم ٿيون، جن جي نور سان جهالت جا انڌيرا ختم ٿي ويا، جن جي نور سان گمراهن کي هدايت جي واٽ ملي ۽ اهي ڀٽڪيل ماڻهو، ان نورِ مجسم، شفيعِ معظم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان نور جي خيرات ماڻي چنڊ تارا بڻجي خود نُور جون روشنيون ورهائڻ لڳا۔ اهي نور وارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻارهن (12) ربيعُ الاول جي ڀلاري ڏينهن هن ڪائنات ۾ جلوه افروز ٿيا۔

الله پاڪ جو لک لک شڪر آهي جو جنهن اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر عظيمُ الشان فضيلتن ۽ برڪتن ڀري مُقدّس ٻارهين جي رات نصيب فرمائي. اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جو جنهن ۾ محبوبِ ربّ، سلطانِ عرب، رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم، شاھ بني آدم، نبي محتشم، شافعِ اُمم، سراپا جُود

و ڪرم، دافعِ رَنج و اَلَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي دنيا ۾ تشريف آوري ٿي۔ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جيڪا تمام راتين جي سردار آهي، اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ آمِنه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي گهر مان اهڙو عظيم نور چمڪيو جنهن سان اولھ ۽ اوڀر روشن ٿي ويو۔ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ حڪمِ خداوندي سان ملائڪن جي آقا جبرئيلِ امين عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام اولھ اوڀر ۽ خانه ڪعبه تي جھنڊو لڳايو۔ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جو جنهن ۾ الله پاڪ جي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي تشريف آوري تي اِيران جي بادشاھ ڪسريٰ جي محل تي زلزلو آيو ۽ اِيران جو هڪ هزار سال کان ٻرندڙ آتش ڪڌو خود بخود وسامي ويو۔ اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جو هن ۾ الله تعاليٰ جي حڪم سان آسمان ۽ جنّت جا دروازا کوليا ويا ها، اڄوڪي رات اها عظيم رات آهي جنهن ۾ نور وارا آقا، مڪي مديني وارا مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نور جي خيرات ورهائڻ ۽ جهان کي پنهنجي نور سان جڳمڳائڻ جي لاءِ هن ڪائنات ۾ تشريف فرما ٿيا۔ اچو! بيان کان پهريان عاشقِ ماھ ميلاد ۽ عاشقِ ماھ رِسالت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ