Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay
”المُصَنَّف“ ۾ حضرتِ سيدُنا جابِر بن عبدالله انصاري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا کان روايت ڪئي، اهي چون ٿا، مون عرض ڪيو: ”يارسولَ الله (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم)! منهنجا ماءُ پيءُ حُضور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) تي قربان! مون کي ٻڌايو ته سڀ کان پهريان الله پاڪ ڪهڙي شيء ٺاهي؟“ فرمايائون: ”اي جابِر ! بيشڪ بِاليقين، الله پاڪ تمام مخلوقات کان پهريان تنهنجي نبي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو نور پنهنجي نور مان پيدا فرمايو۔“ (فتاوي رضويه،۳۰/۶۵۸ ، الجزءُ المفقُود مِن الجزء الاوّل مِنَ المُصَنَّف لِعبدالرّزّاق، ص ۶۳، حديث:۱۸از سياه فام غلام)
جڏهن ته دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”حڪايتيں اور نصيحتيں“ جي صفحي 468 تي آهي: حضرت سيدنا ڪعبُ الاَحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: جڏهن الله پاڪ موجودات کي پيدا فرمائڻ جو ارادو ڪيو ۽ زمين کي وڇايو ۽ آسمانن کي بلند ڪيو ته پنهنجي فيض ذات مان مُٺ برابر کڻي ان کي ارشاد فرمايو: اي نور! محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) بڻجي وڃ۔ ان نور هڪ نوري ٿنڀي جي صورت اختيار ڪئي ۽ ايتري قدر روشن ٿيو جو عظمت جي پردي تائين وڃي پهتو ۽ ربِّ ڪائنات کي سجدو ڪيائين ۽ چيائين: اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ يعني سڀ خوبيون الله پاڪ جي لاءِ آهن۔ ته الله پاڪ ارشاد فرمايو: مون توکي انهيء ڪري پيدا فرمايو آهي ۽ تنهنجو نالو محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) رکيو آهي، تون سان ئي پنهنجي مخلوق جي ابتدا ڪندس ۽ تو تي ئي پنهنجي رسالت جو سلسلو ختم ڪندس۔ پوءِ الله پاڪ ان نور جا چار حصا ڪري هڪ حصي سان لوحِ محفوظ ۽ ٻئي سان قلم کي پيدا فرمايو پوءِ قلم کي ارشاد فرمايو: لک! ته قلم تي هڪ هزار سال تائين هيبتِ الٰهي سبب ڏڪڻي طاري رهي۔ ان کان پوءِ قلم عرض ڪيو: اي منهنجا ربّ! ڇا لکان؟ ارشاد فرمايائين: لَآاِلٰه اِلَّا اللّٰٗه مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰه لک۔ پوءِ قلم لکيو ۽ مخلوق جي باري ۾ علمِ الٰهي تي رسائي ماڻي۔ پوءِ ان هي ڳالهيون لکيون: (۱)۔۔۔حضرت سيدُنا آدم عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي پُشت مبارڪ ۾ موجود اولاد جو تعداد۔ (۲)۔۔۔ جيڪو اطاعتِ الٰهي ڪندو الله پاڪ ان کي جنت ۾ داخل ڪندو ۽ جيڪو ان جي نافرماني ڪندو ان کي دوزخ ۾ وجھي ڇڏيندو۔ اهڙي طرح (۳)۔۔۔حضرت سيدُنا ابراهيم خليل الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام، حضرت سيدُنا موسيٰ ڪليم الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ۽ حضرت سيدُناعيسيٰ روح الله عَلٰى نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي اُمّتن بابت به لکيو،