Book Name:Har Simt Chaya Noor Hay

ايستائين جو جڏهن حضور نبي مُڪرَّم، نُورِ مُجسَّم، رسولِ اَڪرم، شهنشاھِ بني آدم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اُمّت جي متعلق لکيو ته

جنهن الله پاڪ جي اطاعت ڪئي هو ان کي جنت ۾ داخل فرمائيندو ۽ جنهن الله پاڪ جي نافرماني ڪئي، قلم اهو جملو ”هو ان کي جهنم ۾ وجھي ڇڏيندو“ اڃا لکڻ ئي چاهيو ٿي ته الله پاڪ جي طرفان نِدا ٿي: اي قلم! ڪجھ ادب سان۔ ته اهو هيبت ۽ جلالِ الٰهي سان شق ٿي ويو، پوءِ دستِ قدرت سان تراشيو ويو۔ تڏهن کان قلم ۾ اها ڳالھ جاري ٿي وئي ته تراشڻ جي بغير ناهي لکندو۔ پوءِ الله پاڪ قلم کي ارشاد فرمايو: هن اُمّت بابت لک: هيءَ اُمَّت گنهگار آهي ۽ رب ڪريم غفَّار (يعني گھڻو بخشيندڙ) آهي۔ پوءِ الله پاڪ ٽئين حصي سان عرش کي پيدا ڪيو۔ پوءِ چوٿين حصي جا وڌيڪ چار حصا ڪري پهرين حصي مان عقل، ٻي مان معرفت، ٽئين مان سج، چنڊ ۽ اکين جو نور ۽ ڏينهن جي روشني پيدا فرمائي ۽ هي سڀ حقيقتاً نبي مختار، مڪي مدني سرڪارصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ئي جا انوار آهن۔ ۽ پاڻ سڳوراصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام ڪائنات جي اصل آهي۔ ان کان پوءِ الله پاڪ نور جي ان چوٿين قسم جي چوٿين حصي کي بطورِ امانت عرش جي هيٺ رکي ڇڏيو۔ پوءِ جڏهن الله پاڪ حضرت سيدُنا آدم صفي الله عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام کي پيدا فرمايو ته اهو نور ان جي پُشت مبارڪ ۾ رکيو۔ پوءِ اهو مبارڪ نور هميشه طيب وطاهر ۽ برتر ۽ اعلي ماڻهن ۾ منتقل ٿيندو رهيو۔ ايستائين جو پاڪ وصاف ۽ معظم ومڪرم حالت ۾ حضرت سيدُنا عبدالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُتائين پهتو۔

          پوءِ جڏهن الله پاڪ نورِ محمدي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سيده آمنه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا جي بطنِ اَطهر ڏانهن منتقل فرمايو ته ان منتقل ٿيڻ سان گڏ ئي وڏيون وڏيون نشانيون ظاهر ٿيڻ لڳيون۔ سڄي مخلوق هڪ ٻي کي بشارتون ڏيڻ لڳي، زمين ۽ آسمان ۾ اعلان ڪيو ويو: اي عرش! وقار سنجيدگي جو نقاب ڪر۔ اي ڪرسي! فخر جي زِرهه پائي وٺ۔ اي سِدرةُ المنتهيٰ! خوشي ۾ جھوم۔ اي هيبت ۽ رعب و دٻدٻي جا انوار! توهان به خوب روشن ٿي وڃو۔ اي