Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam
ڪيل آياتِ مُبارَڪه مان هڪ آيت جي تفسير بيان ڪندي آيت جي هڪ معني بيان فرمائي، مون عَلامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇا ڪئي، ڇا اوهان کي هن تفسير جو علم هو؟ انهن جواب ڏنو، ها! مون کي اهو تفسيري قول معلوم هو، ان کان پوءِ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ هڪ ڪري يارهن (11) تفسيري قول بيان ڪيا، منهنجي پڇڻ تي هر ڀيري علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائيندا رهيا ته اهي تفسيري قول به مون کي معلوم هئا، حافظ ابو العباس رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ان هڪ آيتِ مُبارَڪه جا چاليھ (40) تفسيري قول بيان ڪيا ۽ هر هر قول جي قائل جو نالو به ٻڌايو، پر يارهن (11) تفسيرن کان بعد هر تفسير جي باري ۾ منهنجي پڇڻ تي علامه ابنِ جوزي نه ۾ مٿو لوڏيندي چوندا رهيا ته اهو تفسير منهنجي عِلم ۾ ناهي۔ ([1])
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن واقعي مان حُضُور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي علمي مقام ۽ مرتبي جي بلندي جو بخوبي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته غوث اعظم هڪ ئي وقت ۾ هڪ آيتِ مُبارَڪه بابت چاليھ (40) تفسير بيان ڪيا، جنهن مان اوڻٽيھ (29) تفسير علّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي علم ۾ به نه هئا، جڏهن ته علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وقت جا تمام وڏا عالِم ۽ امام هئا۔ هن مان حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي علمي سمنڊ جي بي پناه گهرائي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو۔
مَظْہرِ عظمتِ غفّار ہیں غوثِ اعظم مُظْہِرِ رِفْعَتِ جبّار ہیں غوثِ اعظم
نائبِ احمدِ مُختار ہیں غوثِ اعظم اور سب ولیوں کے سردار ہیں غوثِ اعظم
(وسائلِ بخشش مرمّم،ص ۵۵۹)