Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

پنهنجي ولايت جو علم هئڻ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان سرڪارِ غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ ٻڌي رهيا هئاسين۔ اچو!سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پاڪيزه ننڍپڻ بابت ڪجھ ٻيا مدني گل حاصل ڪريون ٿا۔ جيئن حُضُور غوثِ اَعظَم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پاڻ فرمائن ٿا ته جڏهن مان ننڍپڻ ۾ مَدرسي ويندو هئس ته روزانو هڪ ملائڪ اِنساني شڪل ۾ مون وٽ ايندو هو ۽ مون کي مَدرسي وٺي ويندو هو، مون وٽ ويٺل رهندو هو، مان ان کي بلڪل نه سڃاڻيندو هئس ته هو ملائڪ آهي، هڪ ڏينهن مون ان کان پڇا ڪئي اوهان ڪير آهيو؟ ته ان جواب ڏنو مان ملائڪن مان هڪ ملائڪ آهيان، الله پاڪ مون کي ان ڪري موڪليو آهي ته مان مدرسي ۾ اوهان سان گڏ رهان۔

اهڙي طرح پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا، ته هڪ ڏينهن منهنجي ويجھو کان هڪ شخص لنگھيو، جنهن کي مان بلڪل نه سڃاڻيندو هئس، ان جڏهن ملائڪن کي اهو چوندي ٻڌو ته ڪشاده ٿي وڃو ته جيئن الله پاڪ جو ولي ويهي رهي، ته ان هڪ ملائڪ کان پڇيو ته هي ڇوڪرو ڪير آهي؟ ته ملائڪن جواب ڏنو ته هي سيد گھراڻي جو ڇوڪرو آهي، پوءِ ان چيو هي جلد ئي وڏي شان وارو ٿيندو۔                  (بهجة الاسرار،ص۴۸)

غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صاحبزادي شيخ عبدُ الرزَّاق رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي ته هڪ ڀيري حُضُور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کان پڇيو ويو ته اوهان کي پنهنجي وَلي هئڻ جو عِلم ڪڏهن ٿيو؟ ته پاڻ فرمايائون ته جڏهن مان ڏھ سالن (10 Years) جو هئس ۽ پنهنجي شهر جي مدرسي ۾ ويندو هئس ۽ ملائڪن کي پنهنجي پٺيان ۽ آس پاس هلندي ڏسندو هئس، جڏهن مدرسي ۾ پهچي ويندو هئس ته اهي بار بار اهو چوندا هئا ته الله پاڪ جي وَلي کي ويهڻ جي لاءِ جڳھ ڏيو۔ انهيء واقعي کي بار بار ڏسي منهنجي دل ۾ هي اِحساس پيدا ٿيو ته الله پاڪ مون کي وِلايت جي درجي تي فائز ڪيو آهي۔ (بهجة الاسرار، ص۴۸)