Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam
اچو! ترغيب جي لاءِ چوڪ درس جي هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا
چوڪ درس جي بَرَڪت سان سُڌري ويو
لائنز ايريا (بابُ المدينه ڪراچي) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جي گهٽي (Street) ۾ بيهي دعوتِ اسلامي جو هڪ باعمامه اسلامي ڀاءُ اڪيلو ئي چوڪ درس ڏئي رهيو هو، هڪ نوجوان توڙي جو دِين کان عملي طور تي ايتري قدر پري هو جو سبز عمامي وارن کي ڏسي ڀڄي ويندو هو پر خبر ناهي ڇو ان اسلامي ڀاءُ کي اڪيلو درس ڏيندو ڏسي ان تي ترس آيو، پوءِ هو چوڪ درس ۾ شريڪ ٿي ويو، چوڪ درس ۾ شريڪ ٿيڻ ئي ان جي اِصلاح جو سبب بڻجي ويو ۽ هو به مَدَني ماحول سان وابَسته ٿي ويو، اهو بيان ڏيڻ وقت اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هو علاقائي سطح تي مَدَني اِنعامات جو ذِمّيدار آهي، هڪ اهو ڏينهن هو جڏهن هو سبز عمامي وارن کي ڏسي ڀڄي ويندو هو پر الله پاڪ جي فضل و ڪرم سان انهن کي پاڻ عمامو شريف سجائڻ جي سعادت به حاصل ٿي۔
تمہیں لُطف آجائے گا زندگی کا قریب آکے دیکھو ذرا مَدَنی ماحول
نبی کی مَحَبَّت میں رونے کا انداز چلے آؤ سکھلائے گا مَدَنی ماحول
بُری صحبتوں سے کنارہ کشی کر کے اچّھوں کے پاس آکے پا مَدَنی ماحول
اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ تم آجاؤ دیگا سِکھا مَدَنی ماحول
سنور جائے گی آخرت اِنْ شَآءَ اللّٰہ تم اپنائے رکّھو سدا مَدَنی ماحول
(وسائلِ بخشش مرمم، ص ۶۴۶)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ ۾ دعوت ِاسلامي جو ساٿ ڏيو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ ڪم و بيش 105 شعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائي رهي آهي، ان مان هڪ ”شعبه تعليم“ به آهي، جنهن