Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سرڪارِ غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه الله پاڪ جا تمام وڏا ولي هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي وقت جا تمام وڏا امام، مفتي اسلام ۽ علمِ دِين جا اهڙا ته سمنڊ هئا جنهن جو ڪنارو ناهي۔ سندن جو علمي مقام ايتري قدر بلند هو جو وڏا وڏا عالم سندن علم جي سمنڊ مان پنهنجي اُڃ پوري ڪندي نظر ايندا آهن۔
علامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ عِلمِ قرآن، عِلمِ حديث، عِلمِ فِقه، جُغرافِيه، عِلمِ طِب، تاريخ، تفسير، عِلمِ نُجُوم، حساب، لُغَت ۽ نحو وغيره جي علاوه ٻين کوڙ عُلوم ۽ فُنُون ۾ به ساراھ لائق ڪتاب لکيا، سندس جي تصنيفن جو تعداد ٽي سو (300) کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو، جنهن ۾ ڪافي ڪتاب ته ڪيئي جلدن تي مشتمل آهن ۽ ڪجھ رسالا به شامل آهن۔ (مُقدمہ عیونُ الحکایات،حصہ ۱،ص۱۶ملتقطا و ملخصاً)
امام ابنِ قُدامه حنبلي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: امام ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي زماني ۾ وعظ ۽ خطابت جا اِمام هئا، مختلف عُلوم وفُنُون ۾ بهترين ڪتاب تصنيف ڪيا، تدريس به ڪندا هئا ۽ پاڻ حافظُ الحديث به هئا۔ (هڪ لک (100،000) حديث سڳوريون سَنَد سان ياد ڪرڻ واري شخص کي حافظُ الحديث چيو ويندو آهي.) (مُقدمہ آنسوؤں کا دریا،ص۱۵)
اچو! وقت جي ان جليل القدر امام علامه ابن جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا:
حضرت سَيدُنا حافظ ابُو العَبَّاس احمد رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته مان علّامه ابنِ جوزي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه سان گڏ هڪ دفعي حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اجتماعِ غوثيه ۾ حاضر ٿيس، هڪ قاري قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪئي، تلاوت کان پوءِ حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وعظ جي شروعات ڪئي ۽ تلاوت