Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam
جواب ڏنائون ته اسان غوث اعظم جي عمر جو آخري حصو ڏٺو ۽ سندن جي مدرسي ۾ مقيم رهياسين، اسان جو اهڙي طرح خيال رکيو ويندو هو جو ڪڏهن غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجي شهزادي حضرت سَيدُنا يحييٰ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي اسان ڏانهن موڪليندا هئا، اهي اسان جي لاءِ چراغ روشن ڪندا هئا ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اسان جي لاءِ پنهنجي گھران کاڌو موڪليندا هئا۔
(سير اعلام النبلاء،الشيخ عبد القادربن ابي صالح ،۱۵/۱۸۳)
تِرے دَر سے ہے منگتوں کا گُزارا یا شہِ بغداد یہ سُن کر میں نے بھی دامن پَسارا یا شہِ بغداد
شَہا!خَیرات لینے کو سلاطینِ زمانہ نے تِرے دَربار میں دامن پَسارا یا شہِ بغداد
(وسائلِ بخشش مُرمّم ، ص۵۴۴)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه علمِ دين سکڻ واري شاگردن تي ڪيتري شفقت ڪندا هئا جو انهن جي لاءِ پنهنجي گھران کاڌو موڪليندا هئا، تنهنڪري اسان کي به کپي ته دِيني شاگردن جي ضرورتن جو پنهنجي پنهنجي استطاعت مطابق خُوب خُوب خيال رکندا ڪيون، مثال طور جنهن کان ٿئي خاص ڪري غريب طالب سڳورن جي لاءِ دِيني ڪتاب، ڪپڙا، موسِم جي لحاظ کان رهائش جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ رِضاء اِلٰهي ۽ ٻين سٺين سٺين نيتن سان پنهنجو حصو ملائي دِين جي مدد ڪرڻ وارن جي صف ۾ اسان به شامل ٿي وڃون، ڪهڙي خبر ته هن نيڪ عمل جي برڪت سان اسان جو پاڪ پروردگار عَزَّوَجَلَّ اسان کان هميشه جي لاءِ راضي ٿي وڃي، ڪهڙي خبر ته هن نيڪ عمل جي برڪت سان اسان کي هميشه واري بخشش جو پروانو ملي وڃي، ڏسو! جهڙي طرح اسان پنهنجن ٻارن کي سٺي کان سٺو کاڌو کارائڻ پسند ڪيون ٿا، سٺي کان سٺو لباس پائيندي ڏسڻ پسند ڪندا آهيون، ٿورو سوچيو! سردي جي موسم ۾ اسان