Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam
۽ بلند رتبي وارن پيرن به سندن کان خرقهءخلافت حاصل ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪيو۔ ([1])
حضرت سَيدُناشيخ محمد بن يحييٰ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عِلمِ دِين کان فراغت حاصل ڪري ورتي ته درس و تدريس جي مَسنَد ۽ اِفتاء جي منصب تي جلوه افروز ٿيا ۽ ان سان گڏوگڏ ماڻهن کي وعظ ۽ نصيحت ۽ علم و عمل جي اشاعت ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا، جيئن سڄي دُنيا مان عُلماء و صُلحاء سندن بارگاھ ۾ علم سکڻ جي لاءِ حاضر ٿيندا هئا، ان وقت بغداد ۾ غوث اعظم جي مرتبي جو ڪوبه نه هو۔ (قلائد الجواہر ص ۵ملخصاً) پاڻ علم جا سمنڊ هئا، سندن کي عِلمِ فقه، عِلمِ حديث، عِلمِ تفسير، عِلمِ نَحو ۽ عِلمِ ادب وغيره عُلوم تي دسترس حاصل هئي، جڏهن غوث اعظم کي سندن استادن عِلمِ حديث جي سَنَد ڏني ته فرمائڻ لڳا، اي عبدُالقادر الفاظِ حديث جي سَنَد ته اسان اوهان کي ڏئي رهيا آهيون پر حقيقت هي آهي ته حديث جي معني ۽ مفهوم جو سمجھڻ ته اسان اوهان ئي کان سکيو آهي۔ (حیات المعظم فی مناقب غوث اعظم ص ۴۶ بتغیر قلیل)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي عِلمِ دِين ڦهلائڻ جو ايتري قدر ذَوق ۽ شوق هو جو پاڻ پنهنجو وقت بالڪل ضائع نه ڪندا هئا ۽ علمي ڪمن ئي ۾ اڪثر مصروف رهندا هئا، ٻين شهرن جا شاگرد به اوهان جي ساراھ ۽ عُلوم ۽ فُنون ۾ مهارت جي شهرت ٻڌي سندن وٽ عِلمِ دين حاصل ڪرڻ ۽ سندن جي فيض مان برڪتون ماڻڻ جي لاءِ حاضر ٿيندا رهيا، پاڻ علم ۽ عمل جا اهڙا پيڪر هئا ته جيڪو به اوهان وٽ علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ حاضر ٿيندو هو، هو خالي هٿ نه موٽندو هو، اچو! سندن جي علم ۽ عمل ۽ درس وتدريس جون خوبيون ۽ علمي خدمتن جي باري ۾ ٻڌون ٿا،
حضرت سَيدُنا قاضي ابو سعيد مُبارَڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بغداد ۾ هڪ