Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

مدرسو هو، هو ان ۾ وعظ و نصيحت ۽ علم حاصل ڪرڻ وارن کي علم سيکاريندو هو، جڏهن قاضي صاحب کي غوث اعظم جي علمي ۽ عملي ڪمالن ۽ فهم و فراست جي خبر پئي ته قاضي صاحب پنهنجو مدرسو غوث اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي حوالي ڪري ڇڏيو، پوءِ جڏهن ماڻهن سندن جي فضل وڪمال ۽ علمي مهارت جي شهرت ٻڌي ته ماڻهن جو وڏو تعداد غوث اعظم جي بارگاھ ۾ عِلمِ دِين حاصل ڪرڻ جي لاءِ حاضر ٿيڻ لڳو۔ ([1])

تيرهن (13) عُلوم تي دسترس

       صاحبِ بَهجَةُ الاَسرار حضرت علامه نورُ الدّين ابُوالحسن علي شَطنُوفي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته حضرت سَيدُنا شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تيرهن (13) علوم ۾ بيان ڪندا هئا، سندن مدرسي ۾ ماڻهو سندن کان تفسير، حديث، فِقه ۽ عِلمُ الڪلام وغيره پڙھندا هئا، منجهند کان پهريان ۽ بعد ٻئي وقت ماڻهن کي تفسير، حديث، فِقه، ڪلام، اُصول ۽ نَحو پڙھائيندا هئا ۽ ظهر کان پوءِ تجويد ۽ قرات سان قرآنِ ڪريم پڙھائيندا هئا۔ (بہجةالاسرار، ص۲۲۵ ملخصاً)

شاگردن سان محبت

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه علم ۽ عمل جا پيڪر ۽ زبردست حُسنِ اَخلاق جا مالڪ هئا، پاڻ شاگردن تي نهايت شفقت ڪندا هئا، انهن جي ننڍين ننڍين ضرورتن جو به خيال رکندا هئا جيئن ته

علم جي راهه ۾ شاگرد جي مدد

امام اِبنِ قُدَامَه حنبلي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بارگاھ ۾ حضرت سَيدُنا غَوثُ الاعظم، شيخ عبد القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ سُوال ڪيو ويو ته پاڻ


 

 



[1] سیرت غوث اعظم ص ۵۸ ملخصاً