Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam
پنهنجن ٻارن جو ڪيترو خيال رکندا آهيون ته ڪٿي منهنجي پياري کي سردي نه لڳي وڃي، منهنجي پٽ جي طبيعت ته اهڙي آهي جو نه ئي ٿوري ٿڌي هوا برداشت ڪري سگھي ٿو، نه ئي گرم هوا جو هلڪو جھونڪو، اهڙي طرح علمِ دِين حاصل ڪرڻ وارن طالبن جي لاءِ به غور ڪيو ته انهن کي به ڪيئي بنيادي زندگي جو ضرورتون درپيش هونديون. جيڪي هر هنڌ آساني سان دَستياب نه هونديون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي تحت سڄي دنيا ۾ 606 کان وڌيڪ جامعات آهن۔ جتي پنجاھ هزار کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگردياڻيون علمِ دين حاصل ڪرڻ جي سعادت ماڻي رهيا آهن۔ اوهان پنهنجي مدني عطيات و صدقات سان دعوتِ اسلامي سان تعاون ڪريو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اهو تعاون اوهان جي قبر کي روشن ڪرڻ سان گڏ محشر ۾ به ڪم ايندو۔
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ائين ته حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه درس ۽ تدريس، تصنيف وتاليف، وعظ و نصيحت ۽ ان جي علاوه مختلف علمي شعبن ۾ گھڻي مهارت رکندا هئا، پر خاص طور تي فتويٰ نويسي ۾ ته غوث اعظم کي اهو ڪمال حاصل هو جو ان دور جا وڏا وڏا عالم، فقيه ۽ مفتي سڳورا رَحِمَهمُ اللّٰهُ السَّلَام به سندن جي لَاجواب فتون سان حيران ٿي ويندا هئا۔
شيخ امام مُوَفَّقُ الدِّين بن قُدامَه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته اسان 561 هجري ۾ بغداد شريف وياسين ته اسان ڏٺو ته شيخ سَيد عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه انهن مان آهن جن کي هتي علم وعمل ۽ فتويٰ نويسي جي بادشاهت ڏني وئي آهي۔ (بہجةالاسرار،ص۲۲۵) سندن عِلمي مهارت جو هي عالم هو جو جيڪڏهن سندن کان اِنتهائي مشڪل مسئلا به پڇيا ويندا هئا ته پاڻ انهن مسئلن جا نهايت آسان ۽ بهترين جواب ڏيندا هئا، پاڻ درس و تدريس ۽ فتويٰ نويسي ۾ تقريباً (33) سال دينِ متين جي خدمت سرانجام ڏني، ان دوران جڏهن اوهان جون فتوائون عراق جي عالمن وٽ آنديون ويون ته اهي غوث اعظم جي جواب تي