Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam
ٹل جائے مصیبت، غوثِ پاک سر تاپا شرافت غوثِ پاک
٭مرحبا یا غوثِ پاک٭مرحبا یا غوثِ پاک٭مرحبا یا غوثِ پاک
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو وڃي ته ننڍپڻ ۾ عام طور ٻار راند روند ڏانهن راغِب ٿيندا آهن ۽ پڙھائي کان پري ڀڄندا آهن جڏهن ته اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو شان ته ڏسو جو ننڍپڻ کان ئي سندن کي راند روند کان ڪا رَغبَت نه هئي، نِهايت صاف سُٿرا رهندا هئا ۽ زبانِ مبارڪ مان ڪڏهن به ڪا ڪم عَقلي جي ڳالھ نه نڪرندي هئي، پنهنجي ننڍپڻ بابت پاڻ اِرشاد فرمائن ٿا ته عُمر جي اِبْتدائي دَور ۾ جڏهن به مان ڇوڪرن سان گڏ کيڏڻ چاهيندو هئس ته غَيب مان آواز ايندو هو ته ”لَهو ولَعِب (راند روند) کان پاسو ڪريو“ جنهن کي ٻڌي مان رڪجي ويندو هئس ۽ پنهنجي آس پاس نظر ڪندو هئس ته مون کي ڪو چوڻ وارو نظر نه ايندو هو، جنهن سبب مون کي خوف محسوس ٿيندو هو، مان جلدي ڊڪندو گھر ايندو هئس ۽ والده مُحترمه جي آغوشِ مَحَبَّت(هنج) ۾ لڪي ويندو هئس، هاڻي اهو ئي آواز مان پنهنجي اڪيلائپ ۾ ٻڌندو آهيان، جيڪڏهن مون کي ننڊ ايندي آهي ته يڪدم منهنجي ڪنن ۾ اچي مون کي خبردار ڪندي آهي ته ”توهان کي ان ڪري ناهي پيدا ڪيو ويو جو توهان سُتا رهو“۔ (بهجة الاسرار،ص۴۸)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ اولياء، اي عاشقانِ غوثِ اعظم! اسان کي به گھرجي ته پنهنجن ٻارن کي ٻيون فُضُول ڳالهيون سيکارڻ بدران الله پاڪ ۽ان جي