Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

گھٽ ڪريون يعني ان جون لَذتون ڇڏايون، ان کي وڌ کان وڌ عبادتن ڏانهن مائل ڪريون ۽ ان جي آفتن ۽ شَرارتن کان بچڻ جي لاءِ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ دُعا به ڪندا رهون۔ يقيناً عَقلمندي جو تَقاضو به اهو ئي آهي ته دُشمن کي دُشمن سمجھي ان جو مُقابلو ڪيو وڃي نه اهو ته ان کان لاپَروائي ڪئي وڃي۔ شهنشاھ خُوش خِصال، پيڪرِحُسن وجمال صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ بيمثال آهي: ’’عَقلمند اهو آهي جيڪو پنهنجي نَفس کي پنهنجو تابعدار بڻائي وٺي ۽ موت کان بعد جي لاءِ عمل ڪري ۽ عاجز (بيوَقُوف) اهو آهي، جيڪو پنهنجي خواهشن تي هلندو هجي ۽ الله پاڪ جي رحمت جي اُميد به ڪندو هجي۔ (ترمذي،ڪتاب صفة القيامة،باب في اواني صفة الحوض،۴/۲۰۷،حديث:۲۴۶۷)

اللہ اللہ کے نبی سے                                                         فریاد ہے نَفْس کی بَدی سے

اِیمان پہ مَوت بہتر او نَفْس!                                                  تیری ناپاک زِندگی سے

گہرے پیارے پُرانے دِل سوز                                               گُزرا میں تیری دوستی سے

(حدائقِ بخشش: ۱۴۵)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

اَولِياءِ ڪرام جي صحبتن جا فائدا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نَفس تي قابُو نه ملڻ جو هڪ سبب ان جي سڃاڻپ نه ڪرڻ به آهي۔ نَفس پنهنجي ڄار ۾ ڪهڙي طرح ڦاسائيندو آهي، پنهنجون چالون ڪهڙي نموني آزمائيندو آهي، اها سڃاڻپ نه هئڻ جي ڪري به ٻانهو نفس جو شڪار ٿي ويندو آهي۔ نفس جي چالن ۽ ان جي مڪر ۽ فريب کي سڃاڻڻ جي لاءِ الله پاڪ جي محبوب ۽ نيڪ ٻانهن جي صحبت اختيار ڪئي وڃي۔

حُضُور سَيدُنا شيخ عبدُالقادِر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه انهيء ڳالھ ڏانهن نشاندهي ڪندي اِرشاد فرمائن ٿا: مَنْ اَکثَرَ مِنْ مُّخَالَـطَة الْعَارِفِينَ بِالله عَزَّ وَجَلَّ عَـرَفَ نَفْسَه۔ يعني جيڪو شَخص الله پاڪ جي مَعرِفَت رکڻ وارن ٻانهن (اَولِياءُ الله) جي صحبت