Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

فِرِشتو روکتے ہو کیوں مجھے جنت میں جانے سے                            یہ دیکھو ہاتھ میں دامن ہے کس کا غوثِ اعظم کا

جمیلِ قادری سو جان سے ہو قربان مُرشِد پر                               بنایا جس نے تجھ جیسے کو بندہ غوثِ اعظم کا

(قبالہ بخشش،ص۵۲ تا ۵۶)

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مُريد ٿيڻ جي ترغيب!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن پُرفِتن دور ۾ شَيخ ِطريقت، امير اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت عَلّامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطّار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ذات اسان جي لاءِ تمام وڏي نِعمَت آهي، جيڪو سندن جو مُريد ٿيندو آهي، پاڻ ان کي غَوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي دامنِ ڪرم سان وابسته ڪندا آهن۔ جي ها! شَيخِ طريقت ،اميرِ اهلسنتدَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سِلسَله قادِريه رضويه ۾ ئي مُريد ڪندا آهن، تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته شَيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي ذريعي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مُريدن ۾ شامِل ٿي وڃون۔ الله پاڪ اسان سڀني کي غَوثِ پاڪ بلڪ تمام اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم اَجْمَعِين سان سچّي مَحبَّت ۽ عَقِيدت رکڻ جي تَوْفِيق عطا فرمائي۔             اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                 صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد