Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam
جو بُنيادي مَقصَد گورنمنٽ ۽ پرائيويٽ اسڪولز، ڪالجز، يونيورسٽيز ۽ مُختلِف تعليمي اِدارن سان وابسته ماڻهن کي دعوتِ اسلامي سان وابسته ڪندي انهن کي سُنّتن جي مُطَابِق زِندگي گُذارڻ جو مدني ذِهن ڏيڻ آهي، اها مجلس ڪالجز ۽ يونيورسٽيز جي استادن (Teachers) ۽ شاگردن (Students) سان سٺين سٺين نيتن سان تعلقات قائم ڪري انهن کي نبي ڪريم،روف و رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون سُنّتون اپنائڻ ڏانهن راغب ڪندي، تعليمي اِدارن ۾ مدني اِنعامات جو سِلسِلَو جاري ڪندي ۽ هاسٽل ۾ مدرسةُ المدينه بالِغان قائم ڪري ان مُستَقبِل جي مِعمارن کي تعليمِ قرآن جي لازوال دولت سان مالامال ڪندي ۽ انهن جي دِيني و اَخلَاقي تَربِيت جي هر مُمڪن ڪوشش ڪندي آهي۔
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن شعبي سان وابسته هزارين عاشقانِ رسول جي انفرادي ڪوشش جي برڪت سان هاڻي تائين ڪيئي مسلمان گناهن کان توبه ڪري نمازي ۽ سُنّتن جا عادي بڻجي چڪا آهن۔ الله ڪريم ”مجلس شعبه تعليم“ کي خوب خوب برڪتون عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
غوثِ پاڪ جي مُريدن جي لاءِ بشارتون!
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه تي الله پاڪ جي خاص رحمتن جي ڇانوَ آهي، اهي ماڻهو جيڪي سندن دامن ۾ اچي وڃن اهي به پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي صدقي انهن رحمتن جا حق دار بڻجي ويندا آهن۔ اچو انهيء باري ۾ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا ٽي (3) فرمان ٻڌون ٿا:
(1) شهنشاھ بغداد، حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مون کي هڪ تمام وڏو رجسٽر ڏنو ويو، جنهن ۾ منهنجي ساٿين ۽ منهنجي قيامت تائين ٿيڻ وارن مُريدن جا نالا لکيل هئا ۽ چيو ويو ته هي سڀئي ماڻهو توهان جــي حـوالي ڪيا ويا آهن. فـرمائن ٿا مــون جهنّم جـي داروغي کان پُڇيو ڇا جهنّم ۾ منهنجو