Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam
ٹل جائے مصیبت، غوثِ پاک سر تاپا شرافت غوثِ پاک
٭مرحبا یا غوثِ پاک٭مرحبا یا غوثِ پاک٭مرحبا یا غوثِ پاک
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم’’چوڪ درس‘‘
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان ته اسان جا غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڪيترا باڪمال بزرگ هئا جو سندن جي ڪرامت سان بدعقيده ماڻهن کي توبه جي توفيق ۽ بيمارن کي شفا نصيب ٿي ويندي هئي جڏهن ته غوث اعظم جي بارگاھ ۾ ايندڙ من جون مرادون ماڻيندو هو۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو فيضان سڄي دنيا ۾ عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي۔ اسان به دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهون ۽ 12 مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصّو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مدني ڪم چوڪ درس به آهي۔
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ چوڪ دَرس مُسَلمانن کي بُرائين کان بچائڻ جو ذريعو آهي ٭ چوڪ دَرس بي نمازين کي نمازي بڻائي ٿو۔ ٭ چوڪ دَرس مسجدن کان پري رهڻ وارن کي مسجدن جي ويجھو ڪري ٿو۔ ٭ چوڪ دَرس جي بَرَڪت سان نيڪين ۾ رَغبَت پيدا ٿئي ٿي۔ ٭ چوڪ دَرس جي بَرَڪت سان عَلائقي (Area) ۾ مَدَني ڪمن جي ڌُوم مچي ويندي آهي۔ ٭ چوڪ دَرس نمازن جي پابندي جو ذِهن بنائڻ سان گڏوگڏ عِلمِ دِين جون گھڻيون ڳالهيون پهچائڻ جو ذريعو آهي ۽ ماڻهن تائين عِلمِ دِين جون ڳالهيون پهچائڻ اَجر ۽ ثَواب جو ڪم آهي۔
نبي اڪرم،نورِ مجسّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايائون: جيڪو شخص منهنجي اُمَّت تائين ڪا اسلامي ڳالھ پهچائي، ته جيئن ان سان سُنَّت قائم ڪئي وڃي يا ان سان بد مذهبي دور ڪئي وڃي ته اهو جنَّتي آهي۔ (حلیۃ الاولیاء،۱۰/۴۵، حدیث: ۱۴۴۶۶)