Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

گناہوں کے امراض سے نِیم جاں ہوں                         پئے مُرشِدی دے شِفا یاالٰہی

بنادے مجھے نیک نیکوں کا صَدْقہ                                  گُناہوں سے ہر دَم بچا یاالٰہی

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!هيءَ هڪ حقيقت آهي ته الله پاڪ جنهن جي مٿي تي ولايت جو تاج سجائيندو آهي ته ان جي ذات کان اهڙين اهڙين شين جو ظهور ٿيڻ لڳندو آهي جو عقل حيران ۽ دنگ رهجي ويندا آهن مثال طور الله پاڪ جي عطا سان اَولِياءِ ڪرام مُردن کي زنده ڪري سگھن ٿا، اَولِياءِ ڪرام جي برڪت سان برساتون ٿينديون آهن، الله پاڪ جي عطا سان اَولِياءِ ڪرام مريضن کي چڱو ڀلو ڪندا آهن، اَولِياءِ ڪرام عطاءِ الٰهي سان غيب جي ڳالهين کي ڄاڻي وٺندا آهن، الله پاڪ جي عطا سان اَولِياءِ ڪرام دِلين جي زنگ کي دُور ڪندا آهن ۽ اَولِياءِ ڪرام الله پاڪ جي عطا سان مخلوقِ خدا جي مشڪل ڪشائي به فرمائندا آهن۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اسان جي غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن جو قدمِ پاڪ تمام اَولِياءِ ڪرام رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم اَجْمَعِين جي ڪنڌن تي آهي، سندن کي به ربِّ ڪريم اها طاقت ۽ قدرت عطا فرمائي هئي جو پاڻ پنهنجي نگاھ ولايت سان پوشيده شين کي ملاحظه ڪندا هئا پنهنجي ڪرامت سان بيمارن کي تندرست ڪندا هئا ۽ سندن بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻ وارو ڪڏهن محروم نه موٽندو هو۔ اچو! غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هڪ ايمان افروز ڪرامت ملاحظه ڪريو.

بدعقيده سڌي واٽ تي اچي ويو

حضرت سَيدُنا شيخ ابوالحسن علي قريشي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ٻڌائن ٿا ڪجھ بدعقيده ماڻهو ٻه ٽوڪرا (Baskets) کڻي بارگاھ غوثيت ۾ آيا ۽ سندن کان پڇيائون ته هنن ٽوڪرن ۾ ڪهڙي شيء آهي؟ پاڻ پنهنجي تخت تان لهي هڪ ٽوڪري تي پنهنجو مبارڪ هٿ رکي فرمايائون: هن ۾ آفت زده ٻار آهي ۽