Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

حيرت ۾ پئجي ويندا هئا۔

       امام ابُويَعليٰ نجمُ الدِّين رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته حضرت شيخ عبدُ القادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه عراق ۾ فتويٰ جي لحاظ کان نهايت مشهور هئا ۽ ماڻهو فتوائن جي لاءِ سندن کان رابطو ڪندا هئا۔ (بہجةالاسرار ص ۲۲۵ملتقطا و ملخصاً) اچو! انهيء مُناسبت سان سندن علمي مهارت جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

مشڪل مسئلي جو آسان جواب

       حُضُور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا صاحبزادا حضرت سَيدُنا عبدُ الرزّاق جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي بارگاھ ۾ سوال موڪليو ويو ته هڪ شخص ٽن (3) طلاقن جو قَسَم اهڙي طرح کنيو ته هو الله عَزَّوَجَلَّ جي اهڙي عبادت ڪندو، جيڪو ان وقت سڄي زمين تي ڪو ٻيو شخص نه ڪري رهيو هوندو، جيڪڏهن اهو ائين نه ڪري سگھيو ته ان جي گھر واريء کي 3 طلاقون، جڏهن سندن جي بارگاھ ۾ اهو مسئلو پيش ڪيو ويو ۽ پڇيو ويو ته هو شخص ڇا ڪري ۽ ڪهڙي اهڙي عبادت ڪري جو ان جي زال طلاقن کان بچي وڃي ۽ قسم به نه ٽُٽي؟ ته پاڻ يڪدم ان جو جواب ڏيندي ارشاد فرمايائون: ته هي شخص مڪي شريف وڃي ۽ طواف جي جڳھ کي خالي ڪرائي اڪيلو طواف ڪري، ان جي قسم به پوري ٿيندي ۽ ان جي زال کي طلاق به نه ٿيندي، سندن جي هن جواب سان عالم سڳورا حيران رهجي ويا۔ ([1])

علومِ مصطفے ٰ و مُرتضےٰ کے                                تمہِیں پر ہیں کھُلے اَسرار یاغوث

(قبالۂ بخشش ،ص٦٥)

مختصر وضاحت: يعني رحمت عالم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ مولاءِ ڪائنات حضرت سيدنا علي المرتضي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي علوم جا راز غوث پاڪ


 

 



[1]… بهجة الاسرار، ص۲۲۶ملخصاً