Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

يارهين شريف به چوندا آهن، هن تاريخ تي سڄي دنيا ۾ عاشقانِ غوث و رضا، محبُوبِ سُبحاني، قُطبِ ربّاني، غوثِ صَمداني، قِنديلِ نُوراني، شهبازِ لامڪاني حضرتِ سَيدُنا شيخ عبدُالقادر جيلاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو عُرس مبارڪ نهايت ئي عقيدت ۽ وڏي اِهتمام سان ملهائيندا آهن۔ سڄي دُنيا ۾ عاشقانِ رسول مختلف انداز سان غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي اِيصال ثواب جو اِهتمام ڪندا آهن، ڪٿي اِجتماعن جو اِنعقاد ڪيو ويندو آهي ته ڪٿي قرآن خواني جو سلسلو ٿيندو آهي، ڪٿي مدني مذاڪرن جي ذريعي عاشقانِ غوثِ اعظم گڏ ٿيندا آهن ته ڪٿي نفل روزا رکي اِيصالِ ثواب ڪيو ويندو آهي۔ ڪٿي غوثِ پاڪ جي اِيصالِ ثواب جي لاءِ رسالا ورهائڻ جي ترڪيب ٿيندي آهي ته ڪٿي اجتماعن ۾ لنگرِ غوثيه جو اِهتمام ڪيو ويندو آهي۔

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول تحت سڄي دُنيا ۾ هن وڏي رات جو اجتماعِ غوثيه جو اِهتمام ڪيو ويندو آهي، انهيء مُناسَبت سان اسان اڄ سَرزمينِ بَغدَاد تي پنهنجي مَزارِ پُراَنوَار ۾ آرام ڪندڙ ان مُقَدَّس هسْتِي جو ذِڪرِ خَير ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ اڄ جي بيان ۾ حضور غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پاڪيزه ننڍپڻ جا ڪجھ واقعا بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن ولادت بابت پهريان کان ڏنل خوشخبريون به بيان ڪيون وينديون، هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مادر زاد (يعني پيدائشي) ولي هئا، پر سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي پنهنجي ولايت جو علم ڪڏهن ٿيو اهو به ٻڌنداسين۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت جا مختلف واقعا ٻڌڻ سان گڏ سندن علمي مقام بابت ملڻ وارا مدني گل به حاصل ڪنداسين۔ اهڙي طرح دِيني طالب علمن (Students) سان سندن رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي محبت ۽ اُلفت ۽ خيرخواهي ۽ شفقت بابت ڪجھ واقعا به بيان ڪيا ويندا۔ يقيناً هڪ سچو پير انسان جو حقيقي رهنما هوندو آهي ۽ جيڪو فيض انسان پنهنجي پير کان حاصل ڪري سگھي ٿو اهو شايد ڪنهن ٻئي وٽان ملڻ ممڪن ناهي هوندو، ان ڪري غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ڪجھ اِرشادن مان به اسان رهنمائي وٺنداسين۔ ان سان گڏوگڏ غوثِ پاڪ جو مُريد