Book Name:Faizan-e-Ghous-ul-Azam

ڪـو مُريد به آهي؟ ان جواب ڏنو،” نه “ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڌيڪ فرمايو، مون کي پنهنجي پروردگار جي عزّت ۽ جلال جو قسم! منهنجي حمايت وارو هٿ منهنجي مُريد تي ائين آهي جيئن آسمان زمين تي ڇانوَ ڪندڙ آهي، جيڪڏهن منهنجو مُريد سٺو نه به هجي ته ڇا ٿيو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مان ته سٺو آهيان. مون کي پنهنجي پالڻ واري جي عزّت ۽ جلال جو قسم! مان ان وقت تائين پنهنجي رب ڪريم جي بارگاهه مان نه هٽنــدس، جيستائيــن پنهنجي هڪ هڪ مُريد کي جنّت ۾ داخل نه ڪرائي ڇڏيان۔ (بهجة الاسرار ص۱۹۳)

(2) سرڪارِ بغداد حضورِ غوثِ پاڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ مون سان واعدو فرمايو آهي ته منهنجي مُريدن ۽ منهنجي دوستن کي جنّت ۾ داخل ڪندو. ته جيڪو پنهنجو پاڻ کي منهنجو مُريد چوي ۽ منهنجو نالو وٺي، الله تعالى ان کي قبول ڪندو جيتوڻيڪ اهو بُري عمل تي هجي، اهو منهنجي مُريدن مان آهي. مون منڪر نڪير کان هن ڳالهه جو عهد ورتو آهي ته اهي قبر ۾ منهنجي مُريدن کي نه ڊيڄاريندا. ( بهجة الاسرار ص۱۹۳ملخصاً)

(3) حضرت شيخ ابوالحسن علي قرشي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته حضور غوثِ اعظم دستگير رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايائون: مون کي هڪ ڪاغذ ڏنو ويو جيڪو ايترو وڏو هو جيستائين نگاھ پهچي، ان ۾ منهنجي ساٿين ۽ مُريدن جا نالا هئا، جيڪي قيامت تائين ٿيڻ وارا هئا ۽ مون کي چيو ويو ته سڀني کي تنهنجي صدقي بخشيو ويو آهي۔ (المرجع السابق،ص۱۹۳)

خدا کے فضل سے ہم پر ہے سایہ غوثِ اعظم کا                            ہمیں دونوں جہاں میں ہے سہارا غوثِ اعظم

بَلِیّات و غم و اَفکار کیوں کر گھیر سکتے ہیں                                    سَروں پر نام لیووں کے ہے پنجہ غوثِ اعظم کا

ہماری لاج کس کے ہاتھ ہے بغداد والے کے                              مصیبت ٹال دینا کام کس کا غوثِ اعظم کا

جو اپنے کو کہے میرا،مُریدوں میں وہ داخل ہے                             یہ فرمایا ہوا ہے میرے آقا غوثِ اعظم کا

نِدا دیگا منادی حشر میں یُوں قادریوں کو                                     کِدھر ہیں قادری کرلیں نظارہ غوثِ اعظم کا