Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441

عالمِ وجود ۾ رونق افروز ٿيا ۽ پاڪ بدن، ناڙو مبارڪ ڪٽيل، طهر ٿيل، خوشبو ۾ رَچيل سجدي جي حالت ۾، مڪه مڪرمه جي مقدس سر زمين تي پنهنجي والد ماجد جي گهر ۾ پيدا ٿيا. ان وقت دنيا تي والد ماجد نه هئا جو کين سڏيو وڃي ها ۽ پنهنجي پيدا ٿيندڙ پٽ کي ڏسي خوش ٿين ها. اهي ته پهرين ئي وفات ڪري ويا هئا. ڏاڏي کي گھرايو ويو جيڪي ان وقت ڪعبة الله جي طواف ۾ مشغول هئا. اها خوشخبري ٻڌي ڏاڏا ”عبدالمطلب“ خوشي خوشي حرمِ ڪعبه کان پنهنجي گهر آيا ۽ نهايت جوشِ محبت ۾ پنهنجي پوٽي کي سيني سان لڳايو. پوءِ ڪعبي ۾ کڻي وڃي خير و برڪت جي دعا گهري ۽ ”محمد“ نالو رکيو[1]. حضور اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي چاچي ابو لهب جي ٻانهي ”ثُوَيۡبَه“ خوشيءَ وچان ڊوڙندي وئي ۽ ”ابولهب“ کي سندس ڀائٽي پيدا ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائي ته ان (ابولهب) خوشي ۾ شهادت جي آڱر جي اشاري سان ”ثُوَيۡبَه“ کي آزاد ڪري ڇڏيو. جنهن جو فائدو ابو لهب کي اهو مليو ته ابولهب جي مرڻ کان پوءِ ان جي گهر وارن ان کي خواب ۾ ڏٺو ۽ حال پڇيو ويو ته ان پنهنجي آڱر کڻي اهو چيو ته توهان کان جدا ٿيڻ کان پوءِ مون کي ڪجهه (کائڻ پيئڻ) لاءِ نه مليو سواءِ ان جي جو ”ثُوَيۡبَه“ کي آزاد ڪرڻ جي سبب هِن آڱر جي ذريعي ڪجهه پاڻي پياريو وڃي ٿو[2].

(بخاري ج 2 باب وامهاتکم التي ارضحنکم)

   ان موقعي تي حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ تمام سوچڻ ۽ سمجهڻ واري ڳالهه تحرير فرمائي آهي جيڪا اهلِ محبت جي لاءِ تمام ئي لذت بخش آهي. اهي لکن ٿا ته هن موقعي تي ميلاد ڪرڻ وارن لاءِ سَنَد آهي ته اُهي حضور ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي شبِ ولادت ۾ خوشي ملهائيندا آهن ۽ پنهنجو مال خرچ ڪندا آهن. مطلب اهو آهي ته جڏهن ابو لهب


 

 



[1] المواهب اللدنية مع شرح الزرقاني، ولادة ..............النع ، ج 1 ص 232

[2] (صحيح البخاري، ڪتاب النڪاح، باب وامهاتڪن اللاتي ارضعمڪم، الحديث: 5101 ج 3، ص 432، والمواهب اللدينة مع شرح الزرقاني، ذڪر رضاعہ ..... الخ ، ج 1، ص 259)