Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
جيڪا به عورت رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي ڏسندي ۽ اِهو ٻڌندي هئي ته هي يتيم آهن ته ڪابه عورت کين کڻڻ جي لاءِ تيار نه ٿيندي هئي، ڇو ته ٻار جي يتيم هئڻ جي ڪري گهڻو انعام ۽ اڪرام ملڻ جي اميد نه هئي. هوڏانهن حضرت حليمه سعديه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جي قسمت جو ستارو ثريا کان وڌيڪ بلند ۽ چنڊ کان وڌيڪ روشن هيو. ان جي کير جي گهٽتائي ان جي لاءِ رحمت جو باعث بڻجي وئي ڇو ته کير گهٽ ڏسي ڪنهن به پنهنجو ٻار ان کي ڏيڻ پسند نه ڪيو۔
حضرت حليمه سعديه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا پنهنجي مڙس ”حارث بن عبد العزيٰ“ کي چيو ته اِهو ته سٺو نٿو لڳي ته آئون خالي هٿين واپس وڃان، ان کان بهتر اهو آهي ته آئون هن يتيم کي ئي کڻي هلان، مڙس ان ڳالهه کي منظور ڪري ورتو ۽ حضرت حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا ان دُرِ يتيم کي کڻي آئي جنهن سان نه صرف حضرت حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا ۽ حضرت آمنه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جي گهر ۾ پر پوري ڪائناتِ عالَم جي اوڀر ۽ اولهه ۾ روشني ٿيڻ واري هئي هي خداوندِ قدوس جو فضلِ عظيم ئي هو جو حضرت حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جي سُتل قسمت جاڳي پئي ۽ سرور ڪائنات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي هنج ۾ اچي ويا. پوءِ حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجي تنبوءَ ۾ آڻي جڏهن کين کير پيارڻ ويٺي ته رحمت جي برسات وانگر برڪاتِ نبوت جو ظهور شروع ٿي ويو خدا جو شان ڏسو ته حضرت حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جي مبارڪ پستانن (ڇاتيءَ مبارڪ) ۾ ايترو ته کير لٿو جو رحمتِ عالَم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ انهن جي رضاعي ڀاءُ به پيٽ ڀري کير پيتو ۽ ٻئي آرام سان سمهي پيا، هوڏانهن ڏاچيءَ کي ڏٺائون ته ان جا ٿَڻَ به کير سان ڀرجي ويا هئا. حضرت حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جي مڙس ان جو کير ڏُڌو. پوءِ زال، مڙس ٻئي پيٽ ڀري پوري رات سک ۽ آرام جي ننڊ ستا.
حضرت حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جو مڙس حضور رحمتِ عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون هي برڪتون ڏسي حيران رهجي ويو ۽ چوڻ لڳو ته حليمه! تون ته برڪتن سان مالا مال ٻار کڻي آئي آهين. حضرت حليمه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا چيو واقعي مون کي به اها ئي اميد آهي ته هي تمام ئي بابرڪت ٻار آهي ۽ خدا جي رحمت بڻجي اسان کي مليو آهي