Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441

وڏي عظيم الشان رات آهي. هي رات وڏي فضيلتن ۽ برڪتن واري مقدس رات آهي. هي اها رات آهي جنهن کي ڪائنات جي سڀ کان وڏي شان ۽ شوڪت واري هستي سيد الانبياء، تاجدارِ عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت آهي. هي اها رات آهي جو جنهن ۾ آمنه رَضِىَ اللهُ عَـنْهَا جي مڪانِ رحمت مان اهڙو نور چمڪيو جنهن سڄي عالم کي جڳمڳ جڳمڳ ڪري ڇڏيو. هي اها رات آهي جنهن ۾ هر طرف خوشين جو سمان ڇانئجي ويو. هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ هر طرف نور جي  روشني ڦهلجي وئي. هي اها رات آهي جنهن ۾ ڪفر ۽ شرڪ جون سڀئي ظلمتون  گم ٿي ويون. هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ الله پاڪ مؤمنن تي احسانِ عظيم ڪيو. هي اها رات آهي جنهن ۾ شيطان پنهنجي ساٿين سان خوار ٿيو. هي اها عظيم رات آهي جو هن رات آسمان جا تارا به زمين جي طرف مائل ٿيڻ لڳا. هي اهارات آهي جيڪا تمام راتين جي سردار آهي. هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ مڪانِ آمنه مان اهڙو نور چمڪيو جهن سان اوڀر ۽ اولھ روشن ٿي ويا. هي اها رات آهي جنهن ۾ الله پاڪ جي حڪم سان ملائڪن جي سردار جبريل امين اوڀر ۽ اولھ ۽ خانه ڪعبه تي جهنڊا لڳايا۔ (خَصائصِ کبریٰ ،۱/۸۲ ملخصاً)

 هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ الله پاڪ جي محبوب جي تشريف آوري تي ايران جي بادشاھ جي محل تي زلزلو آيو ۽ ان جي محل ۾ ڏار پئجي ويا. هي اها عظيم رات آهي جو جنهن ۾ ايران جو هڪ هزار سالن کان ٻرندڙ آتش ڪدو پاڻهي وسامي ويو. هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ الله پاڪ جي حڪم سان آسمان ۽ جنت جا دروازا کوليا ويا. هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ آسمان مان نور جون بارشون ٿيڻ لڳيون. هي اها رات آهي جنهن ۾ ملائڪن به، بيبي آمنه جي دلبر جي آمد جون خوشيون ملهايون. هي اها عظيم رات آهي جنهن ۾ تاجدارِ حرم، شهنشاھِ عرب و عجم، شفع امم، نورِ مجسم، رحمتِ عالم، نبي محتشم، شاھِ بني آدم، سراپا جود و ڪرم، دافعِ رنج و آلم، سيدالانبياء، جنابِ احمد مجتبيٰ، محمد رَّسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي دنيا جي