Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
تِرا نام لے کر جو مانگے وہ پائے ترا نام لیوا ہے پیارا خدا کا
تِرے رُتبہ میں جس نے چُون و چَرا کی نہ سمجھا وہ بدبخت رُتبہ خدا کا
(ذوقِ نعت،ص۵۸۔۵۷)
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ربيع الاول اهو مبارڪ ۽ عظمت ڀريو مهينو آهي جنهن جو عاشقانِ رسول ڄڻ ته سڄو سال انتظار ڪندا آهن۔ هن مهيني جي ايندي ئي سڄي دنيا جا مسلمان پنهنجي محبوب آقا، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو يومِ ولادت وڏي شان ۽ شوڪت ۽ نهايت عزّت ۽ احترام سان ملهائيندا آهن، رَبيعُ الاوّل جو چنڊ نظر ايندي ئي غلامانِ مصطفي ۽ عاشقانِ ميلاد خوشي سان جھومي پوندا آهن، ڄڻ هر پاسي بهار جو نظارو هوندو آهي، باغِ اُلفت سرسبز ٿي ويندو آهي، دلين جون مکڙيون ٽرڻ لڳنديون آهن ۽ خوش نصيبن جي لبن تي نعت ۽ دُرود و سلام جا وِرد جاري ٿي ويندا آهن، عاشقانِ رسول پنهنجا گھر، گھٽيون، جايون، دڪان ۽ بازار سجائيندا آهن ۽ اجتماعِ مِيلاد ۽ محفلِ دُرود جون ايندڙ صَلِّ عَلٰي جون صدائون ٻڌي ڪن ٺري پوندا آهن ۽ ڇو نه ٺرن جو ربيع الاول جي مهيني ۾ اهي نور وارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي آيا، جن جي نور سان هي ڪائنات روشن آهي، جن جي نور سان زمين ۽ آسمان روشن آهن، جن جي نور سان سج ۽ چنڊ روشن ٿيا، جن جي نور سان تارن ۽ ڪهڪشائن ۾ روشني آهي، جن جي نور سان اونداهيون ختم ٿيون، جن جي نور سان جهالت جا انڌيرا ختم ٿي ويا، جن جي نور سان گمراهن کي هدايت جي واٽ ملي ۽ اهي ڀٽڪيل ماڻهو، ان نورِ مجسم، شفيعِ معظم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان نور جي خيرات ماڻي چنڊ تارا بڻجي خود نُور جون روشنيون ورهائڻ لڳا۔ اهي نور وارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻارهن (12) ربيعُ الاول جي ڀلاري ڏينهن هن ڪائنات ۾ جلوه افروز ٿيا۔