Book Name:Mujza Ban Kay Aya Hamara Nabi 12-Ven-1441
هن ڪائنات ۾ تشريف فرما ٿيا اچو! بيان کان پهريان عاشقِ ماھِ ميلاد ۽ عاشقِ ماھ رِسالت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي عطا ڪيل نعرن سان هن نوراني رات جو اِستقبال ڪيون ٿا، ٿي سگھي ته مدني پرچم بلند ڪري وڏي جوش ۽ جذبي، محبت ۽ عقيدت سان مرحبا يا مصطفيٰ جي ڌُوم مچايو۔
سرڪار جي آمد…مرحبا، سردار جي آمد …مرحبا، آمنه جي پياري جي آمد …مرحبا، رسولِ مقبول جي آمد …مرحبا، پياري جي آمد …مرحبا، مٺي جي آمد … مرحبا،
سچي جي آمد …مرحبا، سهڻي جي آمد …مرحبا، دلبر جي آمد …مرحبا… مرحبا،
مُختار جي آمد …مرحبا، پُرنور جي آمد …مرحبا، سراپا نور جي آمد …مرحبا
مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي
مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي مرحبا يا مصطفي
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَڄ اسان جي بيان جو موضوع آهي”معجزو بڻجي آيو اسان جو نبي“. جنهن ۾ اسان رسولِ ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت باسعادت ۽ ولادت جي وقت ظاهر ٿيڻ وارن معجزن ۽ سندن جي مختلف معجزن جي باري ۾ ٻڌنداسين.
يقيناً هن ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته نبي آخر الزّمان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تمام نبين جا سردار آهن. ۽ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سيرتِ مقدسه تمام نبين جي مقدس زندگين جو خلاصو آهي ۽ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عالمِ ڪائنات ۾ اولين ۽ آخرين جي تمام قومن جي طرف نبي بڻجي آيا. انڪري الله پاڪ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ زندگي کي گذريل نبين جي سڀني معجزن جو مجموعو بڻايو ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي طرحين طرحين جي