Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama
ڏئي ٿو۔ اسان جي پياري آقا وموليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جيڪو شخص ڪنهن شيء جي خواهش رکي ٿو، پوءِ پنهنجي خواهش ترڪ ڪري ٻين کي پاڻ تي ترجيح ڏئي ته ان جي بخشش ڪئي ويندي۔
سُبْحٰنَ الله! جيڪڏهن اسان جنّت ماڻڻ جي لاءِ، بارگاھ الٰهي مان مغفرت جي خيرات حاصِل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون خواهشون گھٽ ڪري وٺون، ڪجھ گرھ گھٽ کائي وٺون ۽ پنهنجي آمدني مان ڪجھ پيسا بچائي غريبن ۽ مسڪينن تي خرچ ڪيون ته اندازو ڪريو! الله پاڪ اسان کان ڪيترو راضِي ٿيندو ۽ هن ايثار جي برڪت سان آخرت ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون عظيم نعمتون اسان کي نصيب ٿينديون۔ الله پاڪ اسان سڀني کي توفيق نصيب فرمائي۔
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم
الحمد لله! اوهان جي دعوتِ اسلامي صِرف تبليغي ڪم نه بلڪه رفاعي ۽ فلاحي ڪم به ڪري رهي آهي، ان جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو هڪ ڊيپارٽمنٽ بنام ”فيضان گلوبل ريليف فاؤنڊيشن (FGRF)“ به قائم آهي، * هن ڊيپارٽمنٽ تحت ڪرونا جي ڪري لاڪ ڊاؤن دوران الحمد لله تقريباً 25 لک ماڻهن ۾ رقم ۽ خوراڪ، کاڌي پيتي جو ضروري سامان ورهايو ويو آهي، جنهن جي مجموعي ماليت تقريباً 70 ڪروڙ روپيا ٿئي ٿي، * سڄي ملڪ ۾ 400 کان وڌيڪ کوھ ۽ سولر پمپ لڳايا ويا آهن۔ * ٿيليسيميا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن جي مدد جي لاءِ هينئر تائين تقريباً 36 هزار کان وڌيڪ رت جون بوتلون مختلف ادارن کي فراهم ڪيون ويون آهن ۽ ٿيليسيميا فري پاڪستان تي ڪم جاري آهي۔ 1000 کان وڌيڪ ٿيليسيميا جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن۔ *نابينن ۽ معذور افراد جي بحالي جي لاءِ Faizan Rehabilitation Centre (فيضان رِي ھيبِي لِي ٽيشن سنٽر) جو قيام ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن جي رجسٽريشن ٿي چڪي آهي۔
اوهان به الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو، پنهنجي