Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama
اڳڀرا رهيا۔* ڏاڙھي ڪوڙائي سُنّتِ رسول کي معاذ الله! گٽر ۾ اڇلائڻ ۾ مسلمان اڳڀرا رهيا۔ * مٿي اگھاڙي گھمڻ جو رواج مسلمانن اپنايو، * بي پردگي، بيحيائي کي اسان پنهنجي معاشري جو حصو بڻائي ڇڏيو ۽ * هاڻي رهي سهي ڪسر سوشل ميڊيا ڪڍي ڇڏي، * اينڊرائيڊ موبائل(Android Mobile) اچي اڃا وڌيڪ معاشري جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، * ڇا اهي تمام گمراهيون، بي حيائيون، دين ۽ جنّت کان پري ڪرڻ وارا ذريعا مسلمانن نه اپنايا۔
پوءِ ان سان گڏوگڏ هن تي به غور ڪريو! * سُنّت جي مطابق ڏاڙھي رکڻ وارن تي طعنا هڻڻ وارا ڪير آهن؟ * عالم سڳورن جو مذاق اڏائي جهنّم جا حقدار بڻجڻ وارا ڪير آهن؟ * مبلغن کي بري نظرن سان ڏسڻ وارا، * ڪوڙ ڳالهائي واپار ڪرڻ وارا، * ڪوڙن جي حمايت ڪرڻ وارا، * بي دينن جي لاءِ راھ هموار ڪرڻ وارا اهي سڀئي ڪير آهن؟* ڇا مسلمان اڄ اهو سڀ ڪجھ نه پيا ڪن؟ جيڪڏهن ڪري رهيا آهن ته پوءِ دِل جي ڪنن سان، عبرت جي لاءِ اَهلِ جهنّم جو اهو جواب قرآنِ ڪريم جي زباني ٻُڌو ۽ غور ڪريو ته اهو ڪن جو ڪم آهي، ارشاد آهي:
وَ كُنَّا نُكَذِّبُ بِیَوْمِ الدِّیْنِۙ(۴۶) (پاره29،سورۃالمدثر:46)
ترجمو ڪنز الايمان: ۽ اسان انصاف واري ڏينهن کي ڪوڙو چوندا هئاسين.
نہ سمجھو گے تو مٹ جاؤ گے اے مسلمانو!
تمہاری داستاں تک نہ رہے گی، داستانوں میں
ياد رکو! * اسان جي هدايت قرآنِ ڪريم ۾ آهي، * اسان جي هدايت اَحاديثِ ڪريمه ۾ آهي، * اسان جي لاءِ آئيڊيل ڪردار اسان جي آقا وموليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو آهي، * اسان صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوان جي سيرت تي هلڻ وارا آهيون، * اسان اولياءِ ڪرام وٽان فيض وٺڻ وارا آهيون۔ اسان کي