Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama
هن مان معلوم ٿيو ته ڪفر و دشمني ۽ بد عملي جو وڏو سبب قيامت جو انڪار يا ان کي وسارڻ آهي۔ اسان الحمد لله! مسلمان آهيون ۽ اسان قيامت تي يقين به رکون ٿا، جيڪو معاذالله! قيامت جو انڪار ڪري اهو ته مسلمان ئي نه رهندو بلڪه ڪافِر ٿي ويندو۔ بيشڪ هر مسلمان قيامت تي ايمان ۽ يقين رکي ٿو پر قيامت جي باري ۾ پنهنجي يقين جي ڪيفيت جي باري ۾ ٿورو غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، قرآنِ ڪريم مسلمانن جا وصف بيان ڪندي فرمايو:
وَ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ یُوْقِنُوْنَؕ(۴) (پاره1،سورۃالبقرۃ:4)
ترجمو ڪنز الايمان: ۽ آخرت تي يقين رکن ٿا.
هن آيت ۾ لفظ ”يوْقِنُوْنَ“ جو بيان ٿيو آهي، اهو لفظ”اِيقَانٌ“ مان نڪتو آهي، اِيقَانٌ جي معني آهي: اهڙو يقيني عِلم جنهن ۾ ڪنهن قسم جو شڪ ۽ شُبهو نه هجي۔
بيشڪ اسان قيامت تي اهڙو ئي پختو يقين رکون ٿا پر افسوس اهو آهي ته دُنيا جي محبت اهڙي دِل ۾ گھر ڪري وئي آهي جو قيامت جو يقين هئڻ جي باوُجود ان يقين جي نتيجي ۾ ملڻ واري ڪيفيتن ۾ گھٽتائي اچي وئي آهي نه ته ڏسو! اسان کي اهو يقين آهي ته ”باھ ساڙيندي آهي“ ۽ هن کان به وڌيڪ پڪو يقين آهي ته قيامت لازمي ايندي، ان جي باوُجود ڪو به ڪڏهن ڀُل ۾ به باھ ۾ هٿ ناهي وجھندو، جڏهن ته گُنَاھ جيڪي قيامت جي ڏينهن سخت نقصان جو سبب بڻجي سگھن ٿا، اهي ڄاڻي واڻي ڪندا پيا وڃون۔ خبر پئي ته اسان کي قيامت تي يقين ته بيشڪ آهي پر دُنيا جي محبت، مال ودولت جي محبت، حرص ولالچ ۽ گناهن جي ڪاراڻ هن يقين جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ واري خوفِ خُدا واري ڪيفيت کي گھٽ ڪري ڇڏيو آهي، هن جو نقصان اهو ٿيو ته اسان گُنَاهن تي دلير ٿي وياسون، دِل مان خوفِ خُدا گھٽجي ويو آهي، ڪي نادان ته ايترا بيباڪ به آهن جو انهن جو مزاج آهي: جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو۔ * ڪو نماز جي دعوت ڏي، * قبر ۽ آخرت جي ياد ڏياري، * قبر جي