Book Name:Ahal Jannat-o-Ahal Jahannum Ka Mukalama

تياري جو ذهن بڻائي، * جنّت ۾ وٺي وڃڻ وارن عملن جي ترغيب ڏياري، * جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارن ڪمن کان بچڻ جو ذهن بنائي ته چوندا آهن: مولانا صاحب! الله پاڪ وڏو مهربان آهي، قيامت جي ڏينهن جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو۔

الله جي پناھ! اهو سخت جهالت ۽ بيباڪي وارو جملو آهي۔ حقيقت ۾ ڏسڻ جو مقام قبر ۽ آخرت ناهي، ڏسڻ جو مقام ته دُنيا آهي، هتي ڏسڻو آهي ته اسان ڇا ڪري رهيا آهيون، الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ ارشاد فرمايو:

وَ لْتَنْظُرْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ لِغَدٍۚ- (پاره28،سورۃالحشر:18)                      

ترجمو ڪنز الايمان: ۽ هر ساھ سوچي ته سڀاڻي جي واسطي اڳتي هن ڇا موڪليو.

اهو قرآني حڪم هن دُنيا جي لاءِ آهي، انهيء زندگي ۾ ڏسڻو آهي ته - اسان آخرت جي لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيون، *- قبر جي ڪيتري تياري ٿي رهي آهي، *- نيڪيون ڪيتريون ڪري رهيا آهيون، *-گُنَاهن کان بچي رهيا آهيون يا نه، جيئن ئي اسان هن دُنيا مان وينداسين، موت اچي ويندو تڏهن کا هر ڏسڻ جو وقت ختم ۽ سزاء ۽  جزاء جو وقت شروع ٿي ويندو، لهٰذا جيڪو ڏسڻو آهي، پنهنجو جائزو وٺڻو آهي، پنهنجي عملن جو محاسبو ڪرڻو آهي، انهيء دُنياوي زِندگي ۾ ڪرڻو آهي۔

خير! اهو ڪافِرن جو وَصف آهي ته هو قيامت تي يقين ناهن رکندا، اسان مسلمان آهيون، اسان بلاشُبه قيامت کي مڃون ٿا، هن جو يقين رکون ٿا پر افسوس! اسان جو ڪردار، زندگي گذارڻ جو طور طريقو اهڙو ٿيندو پيو وڃي جو جيئن اسان کي ڪڏهن مرڻو ئي نه آهي، هميشه هن دُنيا ۾ رهڻو هجي۔ جڏهن ته اسان کي خبر آهي ته ايئن هرگز نه آهي، اسان کي مرڻو آهي، قبر ۾ هزارين سال جو قيام آهي، پوءِ قيامت جي ڏينهن اُٿاريو ويندو، الله پاڪ جي پاڪ بارگاھ ۾ پيش ٿي پنهنجي عملن جو حساب ڏيڻو آهي۔ خدا جو قسم! بارگاھ الٰهي ۾