Book Name:27 Nimazun Ka Sawab

اڪيلي) پڙهڻ کان 27 درجا افضل آهي. * الله پاڪ ۽ ان جا ملائڪ باجماعت نماز پڙهڻ وارن تي درود موڪليندا آهن. * باجماعت عِشاء جي نماز پڙهڻ ڄڻ اڌ رات قيام(يعني عبادت) ڪرڻ آهي. * فجر جي نماز باجماعت پڙهڻ ڄڻ سڄي رات قيام(يعني عبادت) ڪرڻ آهي. * باجماعت نماز پڙهڻ وارو پلصراط تان سڀ کان پهريان بجليءَ جيان گذرندو. * باجماعت نماز ادا ڪرڻ وارن جي شان ۽ شوڪت ڏسي اهلِ محشر رشڪ ڪندا. * انهن جا گناھ بخشيا ويندا. * نمازِ باجماعت جي لاءِ اچڻ واري کي هر وک جي عيوض ثواب ملندو. * مسجد ڏانهن وڃڻ واري جي هر وک تي هڪ درجو بلند ٿيندو آهي ۽. * هڪ گناھ مٽايو ويندو آهي. * الله ڪريم ان جي لاءِ صبح ۽ شام جنت ۾ مهمانيءَ جو اهتمام فرمائيندو. * نماز جي لاءِ کنيل هر قدم صدقو آهي. * ٻانهو جيسيتائين نماز جو انتظار ڪندو رهي، ڀلائي تي رهندو. * الله پاڪ جي حفاظت ۾ رهندو. * الله پاڪ جي خوشنودي جو ذريعو آهي. * شيطان کان محفوظ رهندو. * قيامت جي ڏينهن عرش جي ڇانوَ نصيب ٿيندي. * ان کي جهنم، منافقت ۽ غفلت کان نجات نصيب ٿيندي. * هڪٻئي ۾ محبت وڌندي.

 (فیضان نماز، صفحہ:139)

هڪ طويل حديثِ پاڪ ۾ آهي، سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: * جنهن فجر جي باجماعت نماز پڙهي، پوءِ ويهي الله جو ذڪر ڪندو رهيو ايسيتائين جو سج نڪري آيو ان جي لاءِ جنت الفردوس ۾ ستر (70) درجا هوندا، هر درجي جي وچ ۾ ايترو فاصلو هوندو جيترو هڪ سيکاريل تيز ڊوڙندڙ ڀلوڙ نسل جو گهوڙو ستر (70) سالن ۾ طئي ڪندو آهي، ۽ * جنهن ظهر جي نماز جماعت سان پڙهي ان جي لاءِ جنّتِ عدن ۾ 50  درجا هوندا، هر درجي جي وچ ۾ ايترو مفاصلو هوندو جيترو هڪ سيکاريل تير ڊوڙندڙ نسلي گهوڙو (يعني Trained) پنجاھ (50) سالن ۾ طئي ڪندو آهي، ۽ * جنهن عصر جي نماز جماعت سان پڙهي ان کي حضرت اسماعيل جي اولاد مان اهڙا اَٺ غلام آزاد ڪرڻ جو ثواب ملندو جيڪي بيت الله جي سار سنڀال