Book Name:27 Nimazun Ka Sawab
بهرِ حال! بهار شريعت مون کي ياد رهجي ويو ۽ آخر ڪار اهو ڏينهن به اچي ويو جو الله پاڪ جي رحمت سان مان بهارِ شريعت خريد ڪرڻ جيترا پيسا گڏ ڪري ورتا۔ انهن ڏينهن ۾ بهارِ شريعت ٻن جلدن ۾ هوندو هو، جنهن جو هديو پاڪستاني 32 روپيا هو، ۽ بغير جلد جي 28 روپيا هو۔ مون مڪمل بهارِ شريعت بغير جلدن وارو 28 روپين ۾ خريد ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي، اُن زماني ۾ اها وڏي رقم هئي، ۽ بهارِ شريعت جا 17 حصا هئا، هاڻي البته 20 حصا آهن، الحمد لله! مون کي هن ڪتاب جي برڪت سان معلومات جو اهو انمول خزانو هٿ آيو جو مان اڄ تائين هن ڪتاب جي واکاڻ ڪندو آهيان ۽ هن عظيم الشّان تصنيف جا مصنف خليفه اعليٰ حضرت، صدر الشريعه، بدرُ الطريقه، مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آهن۔ (تَذْکَرۂ صَدْرُ الشَّریْعَہ، صفحہ:2-3)
دم سے تیرے بہارِ شریعت ہے چار سُو باطل ترے فتاوی سےلرزاں ہے آج بھی
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان سڀئي انهيءَ بزرگ بابت تذڪري ۾ شامل آهيون، جن کي دُنيا صدرُ الشريعه، بدرُ الطريقه، مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي نالي سان سڃاڻي ٿي، سندن لکيل ڪتاب ”بهارِ شريعت“ اڄ به عالم سڳورن جي ضرورت آهي، اڄ به ان ۾ لکيل مبارڪ مسئلا سج جي ڪرڻن جيان ٽمڪي رهيا آهن، بهار شريعت کي فقه حنفي جو اِنسائيڪلوپيڊيا (Encyclopedia) چيو ويندو آهي۔
اي عاشقان رسول! هينئر جيڪا اسان حِڪايت ٻُڌي، هن کي سامهون رکي ٿورو شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي سيرتِ پاڪ تي به غور ڪريو! ڏسو! شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي ننڍپڻ جو يا ڇوڪراٽ وارو دَور هو، ان عمر ۾ عام طور تي ٻارن جي دِل راند روند جي سامان ڏانهن ويندي آهي، دل دُنياوي شيون خريدڻ چاهيندي آهي پر شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جو ننڍپڻ ڪيڏو نه پيارو هو..! ڇوڪراٽ وارو دور ڪيڏو نه پيارو هو..! ان عمر ۾ به سندن خواهش هئي ته ڪنهن نموني فقه حنفي بابت