Book Name:27 Nimazun Ka Sawab

جن طريقن تي عمل ڪرڻ سان بغض ۽ ڪينو ختم ٿي ويندو آهي، جن طريقن تي عمل ڪرڻ سان مسلمانن سان ڀلائي جو جذبو بيدار ٿيندو آهي ۽ اُنهن ئي مان هڪ طريقو باجماعت نماز به آهي، يقين ڪريو! جيستائين اسان جون مسجدون آباد هيون، ان وقت تائين گُنَاهن جا اڏا ويران هئا، مسلمان پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا خير خواه هئا، مسلمانن ۾ اَخُوَّت ۽ ڀائپي قائِم هئي، مسلمان مُعَاشَرو هڪ مِثَالي مُعَاشرو هو پر افسوس! جڏهن کان مسجدون وِيران ٿيڻ شروع ٿيون آهن، تڏهن کان مُعَاشري ۾ بي راھ رَوِي اچڻ لڳي آهي، تڏهن کان ئي بُرائي ۽ فحاشي عروج تي آهي، تڏهن کان ئي لڙائي جھيڙا عام ٿيڻ شروع ٿيا آهن، تڏهن کان ئي اسان جي اَخُوَّت، ڀائپي، اتفاق، اتحاد ۽ يڪجهتي ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي پئي وڃي.   

جو کچھ ہیں وہ سب اپنے ہی ہاتھوں کے ہیں کرتوت                                                    شکوہ ہے زمانے کا نہ قسمت کا گلہ ہے

دیکھے ہیں یہ دِن اپنی ہی غفلت کی بدولت            سچ ہے کہ بُرے کام کا انجام بُرا ہے

فریاد ہے! اے کشتئ اُمَّت کے نگہبان              بیڑا یہ تباہی کے قریب آن لگا ہے

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقان رسول! همّت ڪريو ۽ مسجدون آباد ڪريو! اچو! اسان گڏجي نيت ڪيون ٿا؛ هينئر کان منهنجي ڪا نماز قضا نه ٿيندي۔ اِن شَآءَ الله الڪرِيم! اڄ کان منهنجي ڪا جماعت تَرڪ نه ٿيندي۔ اِن شَآءَ الله الڪرِيم! اڄ کان مان نه صِرف پاڻ پنج ئي نمازون باجماعت پڙھندس بلڪه پنهنجي گھر وارن کي به نمازي، باجماعت نماز جو پابند بڻائيندس... اِن شَآءَ الله الڪرِيم! اڄ کان مان پاڻ به باجماعت نماز جي پابندي ڪندس ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏيندس۔ اِن شَآءَ الله الڪرِيم!

جہاں اگرچہ دِگرْ گُوں ہے قُمْ بِاِذْنِ اللہ                    وہی زمیں، وہی گردُوں ہے، قُمْ بِاِذْنِ اللہ

کیا نَوَائے ”اَنَا الْحَقْ“ کو آتْشِیْں جِس نے               تری رگوں میں وُہِی خُوں ہے قُمْ بِاِذْنِ اللہ