Book Name:27 Nimazun Ka Sawab
ناصرُ العلوم ۾ پڙهندا رهيا * پوءِ جُونپور پهتا ۽ مولانا محمد صديق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان ڪجھ اَسباق پڙھيا پوءِ حضرت علامه هدايتُ الله خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضِر ٿي دَرسِ نظامي يعني عالِم ڪورس مڪمل ڪيو * پوءِ پيلي ڀيت ۾ حضرت مولانا وصي احمد مُحَدِّثِ سُورَتي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضِر ٿي ۽ انهن وٽ دوره حديث شريف مڪمل ڪيو۔ (تَذْکَرۂ صَدْرُ الشَّریْعَہ، صفحہ:5-6)
* دَرسِ نظامي يعني عالِم ڪورس مڪمل ٿيڻ کان پوءِ صدر الشريعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه صُوبه بهار (هند) ۾ ”مدرسه اَهلِ سُنت“ ۾ پڙھائڻ شُروع ڪيو * انهيء دوران اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت، شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زيارت نصيب ٿي ۽ اعليٰ حضرت سان بيعت ٿيڻ جو به شرف حاصِل ڪيائون * صدر الشريعه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي اها سَعَادت به نصيب ٿي ته پاڻ 18 سال آقاءِ نعمت، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي صحبتِ بابرڪت ۾ حاضِر رهيا۔ (تَذْکَرۂ صَدْرُ الشَّریْعَہ، صفحہ:8-15ملتقطاً)
مُرْشِدِ کامِل کا مَنْظُورِ نظر امجد علی اس پہ دائِم لطف فرما چشم حق بینِ رضا
وضاحت: يعني صَدرُ الشريعه، مفتي محمد امجد علي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي پير ومُرشِد، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جا مَنظُورِ نظر آهن، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي حق سڃاڻڻ، ڄاڻڻ واري نگاھ هميشه سندن تي مهربان رهي۔
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! صَدرُ الشَّرِيعه، مولانا امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمتِ باسعادت ۾ حاضِر ٿيڻ کان پوءِ سڄي عمر ديني خدمت ئي ۾ مَصرُوف رهيا، آخر 1367 هجري بمطابق 1948 ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حج جو ارادو ڪيائون ۽ ٻيڙيون مديني ۾ سوار ٿيڻ جي لاءِ پنهنجي وطن مدينة العلماء گھوسي مان بمبئي تشريف فرما ٿيون، اتي کيس نمونيا ٿي پيو ۽ ٻيڙي ۾ سوار ٿيڻ کان پهريان ئي ذوالقعدة الحرام جي ٻي رات 12 بجي 26 منٽ تي کين لاڏاڻو ڪيو۔ (تَذْکَرۂ صَدْرُ الشَّریْعَہ، صفحہ:39)