Book Name:Fazail-e-Makkah & Hajj

* ڪعبو شريف ئي اهو مُبَارَڪ مقام آهي جو ان جي ويجھو زَم زَم شريف جو کوھ آهي، * زَم زَم اهو مُبَارَڪ پاڻي آهي جو اهو انهيء مقصد جي لاءِ آهي جنهن مقصد جي لاءِ ان کي پيتو وڃي، (مُسْتَدْرک، کتابُ: الْمَناسک، جلد:2، صفحہ:132، حدیث:1782) * زَم زَم شريف شِفَا جي لاءِ پيتو وڃي، الله پاڪ شِفَا عطا فرمائيندو،* زَم زَم شريف اُڃ پوري ڪرڻ جي لاءِ پيتو وڃي، بک ختم ڪرڻ جي لاءِ پيتو وڃي ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! بک ختم ٿيندي، * هي ئي اهو مبارڪ پاڻي آهي جنهن کي ان جي عظمت جي ڪري بيهي، قبله ڏانهن منهن ڪري پيتو ويندو آهي، * زَم زَم هي اهو مُبَارَڪ پاڻي آهي جو ان کي پيء ڪري جيڪا دُعا گھري وڃي اها پُوري ٿيندي آهي۔

یہ زَمْ زَمْ اُس لئے ہے جس لئے اس کو پیئے کوئی          اسی زَمْزم میں جنت ہے، اسی زَمْزمْ میں کوثَر ہے

(مُسْتَدْرک، کتابُ: الْمَناسک، جلد:2، صفحہ:132، حدیث:1782)

* ڪعبي شريف وٽ حجرِ اَسوَد آهي، حجرِ اَسود به جنّتي پٿر آهي، ان کي هٿ لڳائڻ گُنَاهن کي ختم ڪندو آهي، قيامت جي ڏينهن ان پٿر جون ٻه اکيون هونديون، جن سان هو ڏسندو، زبان هوندي جنهن سان اهو ڳالهائيندو ۽ پنهنجي استلام (يعني چمڻ) واري جي باري ۾ شاهدي ڏيندو۔ (ترمذی، کتاب: الحج، باب:ماجاء فی الحجر الاسود، صفحہ:254، حدیث:961) * ڪعبي شريف سان گڏ ئي مَطَاف آهي، هي اهو مقام آهي جتي ڪعبي شريف جو طواف ڪيو ويندو آهي، ان جڳھ تي چار سؤ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام جا مزار آهن. * ڪعبي شريف جي ويجھو ئي حطيمِ پاڪ ۾ سنگِ اسماعيل يعني حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ سندن والده حضرت هاجره رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْها جا مزار آهن، * انهيء ڪعبي شريف جي قريب صَفَا ۽ مَروَه 2 پهاڙيون (ٽڪريون) آهن، * انهيء ڪعبي شريف جي ويجھو الله پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ولادت واري جڳھ آهي، * انهيء ڪعبي شريف جي ويجھو مِنيٰ، مُزدَلفه ۽ عرفات جهڙا مُبَارَڪ مقام آهن. * اهو ڪعبو شريف